اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??اڪ??تان جي پهرئين نشان حيدر حاصل ڪندڙ ڪيپٽن محمد سرور شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته سندس شهادت جو ڏينهن سڄي قوم کي پنهنجن شهيدن جي بي مثال قربانين جي ياد ڏياري ٿو، ??اڪ??تاني قوم ملڪي دفاع لاءِ ??اڪ??تاني فوج جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿي سگهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پريس رليز مطابق ڪيپٽن سرور شهيد جي 76 هين يوم شهادت تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڪيپٽن محمد سرور شهيد 1948 جي جنگ جي جرئت ۽ بهادري جي مثال قائم ڪندي، شهادت جو درجو حاصل ڪيو، ڪيپٽن محمد سرور شهيد ڌرتي جي حفاظت کي پنهنجي جان تي فوقيت ڏئي ايندڙ نسلن لاءِ م??در وطن سان وفا جو لازوال مثال قائم ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪيپٽن محمد سرور شهيد (نشان حيدر) جي شهادت جو ڏهاڙو سڄي قوم کي پنهنجن شهيدن جي بي مثال قربانين جي ياد ڏياري ٿو، ??اڪ??تاني قوم ملڪي دفاع لاءِ ??اڪ??تان جي فوج جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته ??اڪ??تاني ??اڪ??تاني فوج جا آفيسر ۽ جوان ملڪ جي دفاع لاءِ قربانيون ڏيندا آيا آهن ۽ ڏئي رهيا آهن، مون سميت سڄي قوم کي پاڪ فوج جي شه??دن ۽ سندن ڪٽنب ڀاتين تي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته سڄي قوم ملڪي دفاع لاءِ پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ پنهنجا فرض ادا ڪندڙ ??اڪ??تاني فوج جي آفيسرن ۽ جوانن سان گڏ بيٺل آهي.
پاڪستاني قوم ملڪي دفاع لاءِ پاڪستاني فوج جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿي سگهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II