اسلام آباد -20 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ پنهنجي گذريل حڪومت ۾ شروع ڪيل ٽيڪنالاجي پارڪ جي منصو??ي جو دورو ڪيو ۽ تعميراتي ڪم تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ پراجيڪٽ ٽيم ۽ آءِ ٽي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته هن منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ قدم تيز ڪيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري تفصيلن موجب دوري جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته اسلام آباد ٽيڪنالاجي پارڪ پاڪستان جي ??المي معيار موجب پهرين ڪيٽيگري ٿري جو ٽيڪنالاجي پارڪ هوندو. وزيراعظم چ??و ته حڪومت سنڀاليندي ئي ترقياتي منصوبن تي 24 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون، پنجاب ۾ خادم اعليٰ طور ترقياتي منصوبن تي 24 ڪلاڪ تعميراتي ڪم ڪرڻ جو نظام متعارف ڪرايو هو. هن منصوبي جي ??لد تڪميل لاءِ ان تي 24 ڪلاڪ ڪم جاري آهي. وزيراعظم چ??و ته پاڪستان کي ترقي جي ??لندين تي پهچائڻو آهي، ته ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي. بذات خود ڇنڇر ۽ آچر جي موڪل ختم ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان کي ترقي جون منزون طئي ڪرڻيون آهن ته سڀني کي گڏجي محنت ڪرڻي پوندي. پروجيڪٽ ٽيم ۽ آءِ ٽي واري وزارت هن منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ قدم تيز ڪن. وزيراعظم چ??و ته اسلام آباد ٽيڪنالاجي پارڪ سان ملڪي ۽ غير ملڪي اڪيڊميا تحقيق ڪندڙ، صنعت ۽ منصوبا سازن وچ ۾ هم آهنگي پيدا ٿيندي. وزيراعظم چ??و ته ٽيڪنالاجي پارڪ جي ??عمير سان ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ ساليانو 70 ملين ڊالرن جي واڌ ٿيندي، ٽيڪنالاجي پارڪ جي ??عمير سان 10 هزار روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم نئين منصوبي لاءِ ڏکڻ ڪوريا جي ??ڪومت جي ??عاون جو شڪريو ادا ڪيو. وزيراعظم کي اسلام آباد ٽيڪنالاجي پارڪ جي ??عمير تي اڳڀرائي ۽ منصوبي جي ??والي سان بريفنگ ڏني وئي. ٽيڪنالاجي پارڪ جو منصوبو 14.9 ايڪڙ ايراضي تي تعمير ڪيو پيو وڃي. بريفنگ ۾ ٻڌايو و??و ته هن منصوبي ۾ عالمي معيار جي ڊيٽا سينٽر به تعمير ڪيو پيو وڃي. دوري دوران سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاالله تارڙ ۽ آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه به وزيراعظم سان گڏ هئي.
وزيراعظم شهباز شريف جو ٽيڪنالاجي پارڪ جي منصوبي جو دورو، تعميراتي ڪم تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste