اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي ??نهن ۾ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت بابت 11 ڊسمبر 2023ع جي فيصلي تي نظرثاني جي درخواستن کي رد ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ??فيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان ڀارتي سپريم ڪورٽ جي تازي حڪم کي اهڙي طرح رد ڪريون ٿا جهڙي طرح اسان 11 ڊسمبر 2023ع جي ان جي حڪم کي رد ڪيو هو. هن چيو ته ٻئي فيصلا ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي سطح تي مڃيل تڪراري نوعيت کي تسليم ڪرڻ ۾ ناڪام آهن. ترجمان چيو ته ??شميرين کي خودمختياري جو ختم نه ٿيڻ جوڳو حق حاصل آهي ??يئن ته ??ڏيل قومن جي سلامتي ??ائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۾ لکيل آهي. پرڏيهي ??فيس جي ترجمان چيو ته ??مون ۽ ڪشمير تڪرار جو حتمي فيصلو گڏيل قومن جي سلامتي ??ائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ??ارت کي ڪشمير تڪرار جي ٻين ڌرين يعني ڪشميري عوام ۽ پاڪستان جي مرضي جي خلاف تڪراري علائقي جي حيثيت بابت هڪطرفي فيصلي ڪرڻ جو ڪو حق نه آهي ۽ نه ئي ڀارت ملڪي قانونسازي ۽ عدالتي فيصلن جي بهاني پنهنجي عالمي قانوني ذميوارين کان دستبردار ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ??ارتي سپريم ڪورٽ جا فيصلا يا حڪم والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين تان عالمي برادري جو ڌيان هٽائي نه ٿا سگهن. ڀارتي سپريم ڪورٽ اهو فيصلو پهرين مئي تي ??يو آهي ??يڪو 21 مئي 2023ع تي جاري ڪيو ويو.
پاڪستان پاران ڀارتي سپريم ڪورٽ جو ڪشمير جي حيثيت بابت فيصلو رد
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان