اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته اها اقليتن خاص طور تي مسلمانن ۽ انه?? جي عبادتگاه?? جي حفاظت، سلامتي ۽ تحفظ کي يقيني بڻائي. هندو انتهاپسند?? جي هٿان تاريخي بابري مسجد جي 31 هين شهادت جي ڏهاڙي جي موقعي تي پرڏيهي آفيس جي ترجمان پنهنجي بي??ن ۾ چيو ته اڄ ڀارت ۾ تاريخي ”بابري مسجد“ جي شهيد ڪرڻ جي هڪ افسوسناڪ ياد ڏياري ٿو، اڄ جي ڏينهن 31 سال اڳ ڀارتي قانون لاڳو ڪندڙ عملدار?? جي موجودگي ۾ هندو جنونين?? جي هڪ هجوم ايوڌيا ۾ صدين پراڻي مسج?? کي شهيد ڪري ڇڏيو هو. بي??ن ۾ چيو ويو آهي ته افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته ڀارت جي اعليٰ عدليه ان نفرت انگيز فعل جي ذميوار ڏوهارين کي نه رڳو آزاد ڪري ڇڏيو پر شهيد ڪيل مسجد جي جڳهه تي مندر جي تعمير جي پڻ اجازت ڏئي ڇڏي. ترجمان پنهنجي بي??ن ۾ وڌي?? چيو ته ڀارت ۾ ايندڙ عام چونڊن کان ڪجهه مهينا اڳ ان مندر جو افتتاح جنوري 2024ع ۾ متوقع آهي. بيان موجب بابري مسجد جي شهادت جو سبب بڻجندڙ مسلمان مخالف جنون بدستور جاري آهي، ڪجهه هفتا اڳ ڀارتي رياست اتر پرديش جي وڏي وزير ان ڳالهه جو عوام ۾ کلي اظهار ڪيو ته مسج?? کي شهيد ڪرڻ پاڪستا?? جي ڪجهه حصن تي ٻيهر دعويٰ ڪرڻ جي نموني طور تي ڪيو ويو. بي??ن ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت ۾ حڪمران طبقي سان تعلق رکندڙ عنصر مسلمان?? جي خلاف هسٽريا ۽ نفرت کي هوا ڏئي رهيا آهن، اڄ هندو بالادستي جي لاءِ سرگرم گروهه ڪيترين ئي ٻين مسجدن کي مندرن ۾ تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن جن ۾ وارانسي جي گيانواپي مسجد ۽ مٿرا جي شاهي عيدگاهه مسجد شامل آهن. بيان موجب ڪيترين ئي مسجدن ۽ مزارن کي مختلف انتظامي قدمن يا عدالتي عمل جي آڙ ۾ اڳ ۾ ئي شهيد ڪيو ويو آهي، مسلمانن جون مقدس جايون به انتهاپسند?? جي هجوم جي حملن جو نشانو بڻيل آهن. پرڏيهي آفيس چيو ته عالمي برادري کي ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا، نفرت انگيز تقريرن ۽ نفرت انگيز ڏوهن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. بي??ن ۾ پاڪستان ڀارتي حڪومت تي زور ڏنو ته اهي اقليتن خاص طور تي مسلمانن ۽ انه?? جي عبادتگاه?? جي حفاظت، سلامتي ۽ تحفظ کي يقيني بڻائي.
ڀارتي حڪومت اقليتن خاص طور تي مسلمانن ۽ انهن جي عبادتگاهن جي حفاظت، سلامتي ۽ تحفظ کي يقيني بڻائي: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری