روالپنڊي -21 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ڏک?? وزيرستان ۽ ڊيره اسماعيل خان ۾ ڳجهي معلومات تي ڪارروائيون ڪيون جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ڏک?? وزيرستان ۾ ديسي ساخت جو بم ڦاٽڻ سبب پاڪ فوج جو جوان شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر مطابق 20 نومبر 2023ع تي ڊيره اسماعيل خان ضلع جي علائقي ڪلاچي ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيو ويو ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ بعد 2 دهشتگرد مارجي ويا. ڏک?? وزيرستان جي علائقي ڪوٽ اعظم ۾ ڪيل هڪ ڌار ڪارروائي ۾ هڪ ٻيو دهشتگرد مارجي ويو. مارجي ويل ٽنهي دهشتگردن وٽان هٿيار هٿ ڪيا ويا جيڪي سيڪيورٽي فورسز سان گڏوگڏ معصوم شهرين خلاف دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ استعمال ٿيندا رهيا. هڪ ٻيو واقعو اتر وزيرستان صلع جي غوريوم ۾ پيش آيو جتي هڪ ديسي ساخت جو بم ڦاٽي پيو جنهن جي نتيجي ۾ سپاهي شاهه زيب جنهن جي عمر 26 سال هئي ۽ هو راولپنڊي جو رهواسي هو شهيد ٿي ويو. علائقي ۾ موجود ڪنهن به دهشتگرد کي ??تم ڪرڻ لاءِ ڪارروائيون جاري آهن. آءِ ايس پي آر چيو آهي، ته پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت کي ??تم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن ۽ اسان جا بهادر سپاهي اهڙيون قربانيون ڏئي اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪري رهيا آ??ن.
سيڪيورٽي فورسز طرفان ڏکڻ وزيرستان ۽ ڊيره اسماعيل خان ۾ ڪارروائيون، 3 دهشتگرد مارجي ويا
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے