اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڏورانهن علائ??ن ۾ قابل آفيسرن جي مقرري جي لاءِ واضح پا??يس?? جوڙڻ ۽ مقابلي جا امتحان باقاعدگي سان منعقد ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جو آئين ۽ قانون اق??يت?? ۽ پٺتي پيل علائقن سان تعلق رکندڙن کي برابر حق ۽ ترقي جا موقعا فراهم ڪري ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سول آفيسرن جي مقررين ۽ خصوصي ڪوٽا جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، نگران وزيراعظم جي سيڪريٽري، اسٽيبلشمينٽ جي سيڪريٽري ۽ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي سيڪريٽري شرڪت ڪئي. اجلاس کي تازو ئي منعقد ٿيندڙ مقابلي جي خصوصي امتحان جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان امتحان ۾ 15 ه??ار کان وڌيڪ اميدوارن حصو ورتو جنهن ۾ 3500 کان وڌيڪ جو تعلق بلوچستان سان آهي، ان امتحان ۾ بلوچستان ڪوٽا جُون اٽڪل 60 کان وڌيڪ جايون شامل آهن. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته سرڪاري ڀرتين جي لاءِ مقابلي جي امتحانن ۾ اق??يت?? ۽ پٺتي پيل علائقن سان تعلق رکندڙن جي خالي جاين کي ڀرڻ جي لاءِ اهڙا امتحان باقاعدگي سان منعقد ڪيا وڃن، اق??يت?? جي مقابلي جي امتحان ۾ شموليت جي حوصلا افزائي سان گڏ??گڏ آگاهي مهم پڻ هلائي وڃي، بلوچستان سميت ملڪ جي ڏورانهن علائ??ن ۾ قابل آفيسرن جي مقرري جي لاءِ واضح پا??يس?? جوڙي وڃي ۽ سول آفيسرن جي روٽيشن پا??يس?? کي ان جي حقيقي روح موجب بحال ڪيو وڃي ۽ ان تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو آئين ۽ قانون اق??يت?? ۽ پٺتي پيل علائقن سان تعلق رکندڙن کي برابر حق ۽ ترقي جا موقعا فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته حڪومت ملڪ جي هر شهري کي هڪ جهڙي ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.
نگران وزيراعظم پاران ڏورانهن علائقن ۾ قابل آفيسرن جي مقرري جي لاءِ واضح پاليسي جوڙڻ ۽ مقابلي جا امتحان باقاعدگي سان منعقد ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena