ڄامشورو -06 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم واري وفاقي وزير مدد علي سنڌي شھيد اللھ بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊزائن اينڊ ھيريٽيجز ڄامشوري جو دورو ڪري نئين تعمير ٿيندڙ بلڊنگ جو افتتاح ڪيو. يونيورسٽي پهچڻ تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو وفاقي وزير جي آ??يان ڪئي. وفاقي وزير مدد علي سنڌيءَ پرفارمنگ آرٽ ۽ انٽيريئر ڊزائن ڊپارٽمينٽ جي پيڙهه جو پٿر رکيو. وائيس چانسلر کيس تعميراتي ڪم، ڊيزائن، لاڳت ۽ منصوبي جي مڪمل ٿيڻ جي وقت بابت بريفنگ ڏني. وفاقي وزير، يونيورسٽيءَ ۾ اي آ?? ناگوري آ??ٽ گيلري ۾ فائن آرٽ، ٽيڪسٽائيل ??يزائن، ڪميونيڪيشن ڊيزائن، آرڪيٽيڪچر ۽ سيرامڪس جي شاگردن پاران رکيل نمائش جو معائنو ڪيو. هو شاگردن جي فن ۽ صلاحيتن ??ان بيحد متاثر ٿيو. نمائش جي دوري کانپوءِ وائيس چانسلر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو، وفاقي وزير کي يونيورسٽي جي ڪاميابين، ڪارڪردگي ۽ مستقبل جي منصوبن بابت آگاهه ڪيو. مدد علي سنڌي معياري تعليم ۽ يونيورسٽي جو معيار بلند ڪرڻ لاءِ انتظاميه جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ هر ممڪن سهڪار ڪرڻ جو يقين ڏياريو. وائيس چانسلر پاران وفاقي وزير کي سووينئر، اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي وفاقي وزير سا?? گڏ انٽر بورڊز ڪوآرڊينيشن ڪميشن جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام علي ملاح، ڊائريڪٽر جنرل نيوٽيڪ عزيز الله چانڊيو، سينيئر صحافي نياز پنهور ۽ ٻيا گڏ هئا.
تعليم واري وفاقي وزير مدد علي سنڌي پاران سيبس يونيورسٽي ڄامشوري جو دورو
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ