نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پ??ڪس??ان ترقي يافته ملڪن پاران ڪوپ – 28 ۾ موسمياتي تبديلي جي حوال?? سان ساليانو 100 ارب ڊالر جي فراهمي جي واعدن تي عملدرآمد جو منتظر آهي. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن گڏيل قومن ج?? جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته پ??ڪس??ان ترقي يافته ملڪن پاران ڪوپ – 28 ۾ موسمياتي تبديلي جي حوال?? سان ماحولياتي تبديلي جي لاءِ 100 ارب ڊالر جي فراهمي ۽ اسرندڙ ملڪن ج?? لاءِ اڌ مالياتي وسيلا رکڻ، موسمياتي تبديل?? سان ٿيندڙ نقصانن ج?? ازالي جي لاءِ فنڊز جي فراهمي ۽ فنڊز جي انتظامن کي فعال بڻائڻ ۽ گلوبل وارمنگ کي 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محدود رکڻ جي هدف جي لاءِ ڪاربن گئسن ج?? اخراج ۾ گهٽتائي جي هدفن ج?? حوال?? سان ڪيل واعدن تي عملدرآمد جو منتظر آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پ??ڪس??ان کي درپيش فوڊ فيول ۽ فنانس چئلينجز، ڪووڊ، تڪرارن ۽ اسرندڙ ملڪن تي موسمياتي تبديلي جي اثرن ج?? ڪري آهي، پ??ڪس??ان موسمياتي تبديلين ج?? اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي. گذريل گرمي جي موسم جي شديد ٻوڏ اسان ج?? ملڪ جو ٽيون حصو ٻوڙي ڇڏيو، 1700 ماڻهو فوت ۽ 80 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا، اهم انفراسٽرڪچر تباهه ۽ پ??ڪس??ان ج?? معيشت کي 30 بلين ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو. نگران وزيراعظم چيو ته پ??ڪس??ان گذريل جنوري ۾ جنيوا ڪانفرنس ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي منصوبي تحت 10.5 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي واعدن ک?? ساراهي ٿو، فور آر ايف منصوبي تي عملدرآمد ۽ فنڊز وقت سر جاري ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مخصوص منصوبا پيش ڪيا پ??ا وڃن. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اسان جا ترقياتي حصيدار بحالي جي منصوبي جي لاءِ 13 ارب ڊالر جاري ڪرڻ کي يقيني بڻائيندا.
پاڪستان ترقي يافته ملڪن پاران ڪوپ – 28 ۾ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ساليانو 100 ارب ڊالر جي فراهمي جي واعدن تي عملدرآمد جو منتظر آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا