اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سانوڻي جي موسم جي وڻڪاري مهم جي شروعات ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ هڪ خصوصي تقريب ۾ وزيراعظم ٻوٽو هڻي وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪيو. تقريب ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ حنيف عباسي، سي ڊي اي چيئرمين نورالامين مينگل ۽ راولپنڊي، اسلام آباد سان تعلق رکند?? مسلم ليگ (ن) جا ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. ان موقعي تي وزيراعظم کي وڻڪاري مهم کي ڪامياب بڻائڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته بهار موسم جي وڻڪاري مهم دوران اسلام آباد ۾ ساڍي 9 لک ٻوٽا هڻڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو هو جنهن کي پورو ڪيو ويو. سانوڻي جي موسم جي وڻڪاري مهم دوران اسلام آباد ۾ مجموعي طور تي 5 لک ٻوٽا هنيا ??يندا جن مان سوا لک ٻوٽا اڳ ۾ ئي لڳايا ??يا آهن. سي ڊي اي چيئرمين نورالامين مينگل ٻڌايو ته جنگلي شهتوت جي جڳهه وفاقي گادي واري شهر ۾ نم، شيشم سميت ٻيا ??احول دوست ٻوٽا هنيا ??يندا. هن ٻڌايو ته اسان سول سوسائٽي کي پڻ وڻڪاري مهم ۾ شامل ڪيو آهي ۽ وڻڪاري مهم دوران گهٽ ۾ گهٽ 8 فوٽ جا ٻوٽا هنيا ??يندا ۽ انهن جي سارسنڀال کي پڻ يقيني بڻايو ويندو.
وزيراعظم پاران سانوڻي جي موسم جي وڻڪاري مهم جي شروعات
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ