اسلام آباد – 22 – جون (اي پي ??ي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان يو??ان جي سمنڊ ڪناري ويجهو ٻيڙي ٻڏڻ جي افسوسناڪ واقعي تي فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان تعزيت ۽ ٻين متاثرين سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا، لاشن جي سڃاڻپ ۽ پونئيرن کي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جون ڪوششون جاري رهنديون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ان واقعي ۾ ڪيترن ئي پاڪستانين جي فوت ٿيڻ جو خدشو آهي، اسان جون دليون سمورن متاثرين ۽ انهن جي گهرڀاتين سان گڏ آهن. ترجمان چيو ته اسان ميڊيا کي ان حوالي سان اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو آهي. 104 ز??ده?? بچي ويندڙن ۾ 12 پاڪستاني شهري به شامل آهن ۽ اهي سٺي حالت ۾ آهن. هن چيو ته بدقسمتي سان اسان مارجي ويل ۽ گم ٿي ويل پاڪستانين جي شهرين جي انگ ۽ سڃاڻپ جي تصديق ڪرڻ کان قاصر رهيا آهيون. يو??اني عمل??ار?? 84 لاش درآمد ڪيا آهن، انهن جي سڃاڻپ ڊي اين اي ميچنگ جي ذريعي ٿيندي. ترجمان چيو ته لاڳاپيل عملدار جهاز ۾ موجود شڪي ماڻهن جي گهرڀاتين کان ڊي اين اي جا نمونا گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ اهي يو??اني عمل??ار?? کي ڏيندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان وڌيڪ چيو ته يونان ۾ پاڪستاني مشن ۾ سفير عمار آفتاب ۽ ان جي ٽيم گم ٿي ويل يا فوت ٿيندڙ پاڪستان جي شهرين جي ڳولا ۽ انهن جي سڃاڻپ ۽ پونئيرن کي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ 24 ڪلاڪ ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زر??ار?? پنهنجي يو??اني هم منصب سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، جنهن ۾ گم ٿي ويل ماڻهن جي ڳولا، لاشن جي سڃاڻپ ۽ پونئيرن کي امداد فراهم ڪرڻ جي انتظامن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. ترجمان چيو ته ان ڏس ۾ اسان جون ڪوششون جاري رهنديون.
پرڏيهي آفيس پاران ٻيڙي ٻڏڻ جي افسوسناڪ واقعي تي فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان تعزيت ۽ ٻين متاثرين سان همدرديءَ جو اظهار
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر