اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت جي – 20 جي سربراهه جي حيثيت سان پنهنجي ??وزيشن جو ناجائز فائدو کڻي رهيو آهي، پاڪستان ڪشمير مسئلي جو پرامن حل چاهي ٿو، ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي ??اءِ ڪشمير مسئلي جو حل لازمي آهي، پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. اهڙن خيالن ??و اظهار هن مظفرآباد ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته والاريل ڪشمير جي عوام کي اسان جو اهو پيغام آهي ته منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ آهيون، تاريخ گواهه آهي ته ڀارت ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ کڻي ويو، سلامتي ڪائونسل فيصلو ڪيو ته ڪشميري عوام پنهنجي ??ستقبل جو فيصلو پاڻ ڪندي. هن چيو ته ڀارت پاڻ سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن جي خلاف ورزي ڪئي آهي، ڀارت پاران والاريل ع??ائقي ۾ جي – 20 اجلاس منعقد ڪرڻ جو مقصد دنيا کي اهو تاثر ڏيڻ آهي ته والاريل ڪشمير ۾ حالتون معمول موجب آهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آزاد ڪشمير جي صدر ۽ وزيراعظم کانسواءِ ڊپٽي اسپيڪر جا ٿورا مڃيندي چيو ته پهريون پرڏيهي وزير آهيان جنهن کي آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو آهي. هن ڪشميري عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته والاريل ڪشمير جي عوام کي اسان جو پيغام آهي ته اسان خودمختياري جي حق جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ آهيون. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته والاريل ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي ??ڪطرفي قانوني قدم کي رد ڪريون ٿا، ڀارتي قدم عالمي قانونن جي خلاف آهي، ڀارت والاريل ع??ائقي ۾ سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن جون کليل خلاف ورزيون ڪيون آهن، سلامتي ڪائونسل فيصلو ڪيو هو ته ڪشميري عوام کي پنهنجي ??ستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت کي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن تي عمل ڪرڻو پوندو، ڪشميري عوام جي ??نصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ آهيون. هن چيو ته ڀارت جي – 20 جي سربراهي سان پنهنجي ??وزيشن جو ناجائز فائدو کڻي رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪشمير مسئلو عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي، ڀارت ڪشميرين کي ريفرنڊم جو حق ڏي، اسان جو اهو مطالبو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير مان پنهنجي ??وج واپس گهرائي. پرڏيهي وزير خودمختياري جي حق جي ??اءِ جدوجهد ڪندڙ ڪشميرين سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي ڪشميري شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو.
ڀارت جي – 20 جي سربراهه جي حيثيت سان پنهنجي پوزيشن جو ناجائز فائدو کڻي رهيو آهي، پاڪستان ڪشمير مسئلي جو پرامن حل چاهي ٿو: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania