اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي عورتن جي ترقي ۽ حقن جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عورتن کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ ??ي لاءِ انهن کي ڪاروبار ۾ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻا پوندا، پاڪستان جي 50 سيڪڙو آبادي کي پيداواري افرادي قوت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ عورتن جي مالي شموليت لازمي آهي، عورتن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ذريعي پنهنجي ڪاروبار جي شروعات ۾ مدد ڪرڻ انهن کي بااختيار بڻائڻ ??و تيز ترين رستو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان ??در ۾ آءِ ٽي اسٽارٽ اپس بابت ”بزنيٽ 2023ع“ جي عنوان سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ??در چيو ته عورتن ۽ خصوصي ماڻهن سميت ٻين گهٽ نمائندگي وارن گروهن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ ملڪ جي ترقي جي لاءِ اهم آهي. ??در تنظيمن ۽ ڪمپنين جي سطح تي صنفي برابري تي زور ڏيندي چيو ته اهي مرڪزي ڌارا ۽ قائداڻي ڪردارن ۾ پنهنجي نمائندگي کي يقيني بڻائين، ڊيجيٽل دور ۾ ٽيڪنالاجي ڪنهن به ڪاروبار جي پيداواري صلاحيت ۽ ڪارڪردگي کي وڌائي سگهي ٿي. هن چيو ته آءِ ٽي سان لاڳاپيل اسٽارٽ اپس ۾ عورتن جي شموليت سان انهن کي پنهنجي گهرن مان روزگار ڪمائڻ ۾ به مدد ملي سگهي ٿي. هن زور ڏنو ته عورتن کي پنهنجي مالي معاملن تي اختيار رکڻ جي لاءِ بئنڪ اڪائونٽ هولڊر بڻجڻ جي ترغيب ڏيڻ جي ضرورت آهي. ??در ڊاڪٽر عارف علوي نشاندهي ڪئي ته اسلام عورتن جي لاءِ جيڪي حق بيان ڪيا آهن انهن جي باوجود ثقافت ۽ هراسان ڪرڻ انهن جي آزادي ۾ ٻه اهم رڪاوٽون آهن. هن چيو ته معاشري جي لاءِ اهو ضروري آهي ته اهي عورتن جي لاءِ موقعا پيدا ڪري ۽ انهن جي لاءِ هراسمينٽ کان پاڪ ثقافت کي يقيني بڻائي انهن جي لاءِ مثبت انداز اختيار ڪن. صدر ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته ميڊيڪل ڪاليجن مان فارغ ٿيندڙ عورتن مان 50 سيڪڙو شادي کانپوءِ پنهنجو ڪيريئر ڇڏي ڏين ٿيون جيڪو هڪ باصلاحيت افرادي قوت جو وڏو نق??ان آهي. هن والدين، مڙسن ۽ عورت ڊاڪٽرن کي مشورو ڏنو ته اهي پيشيواراڻي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ ۾ ليڊر ڊاڪٽرن جي حوصلا افزائي ڪن. هن چيو ته مذهب ۽ ملڪي قانون ٻئي عورتن جي وراثت جي حق جي حمايت ڪن ٿا جڏهن ته معاشري جون برائيون اڪثر معاملن ۾ ان ۾ رڪاوٽ آهن. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران عورتن کي ڪاروباري قرضن جي آڇ ڪئي وئي جڏهن ته ان مان رڳو 5 سيڪڙو ان مان فائدو کنيو. هن چيو ته عورت پارليامينٽرينز ۽ ٻين ناليوارين عورتن تي اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي صنفي برابري کي يقيني بڻائڻ ??ي لاءِ پيغام کي م??ثر طريقي سان پهچائين. هن چيو ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي پڻ معيشت جي مختلف شعبن ۾ عورتن جي ڪردار کي اڳتي وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. جرمني جي فريڊرڪ نومن فائونڊيشن جي ڪنٽري هيڊ برجٽ لام ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته سندس تنظيم پاڪستان ۾ عورتن سميت ماڻهن کي ڪاروباري سرگرمين کي باوقار طريقي سان شامل ڪرڻ ۾ انهن جي مدد ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ”ٽرانسفارمنگ حب“ جي سي اي او ۽ وومين بزنس نيٽ ورڪ جي باني افتخار حسين چيو ته بزنيٽ جو مقصد وڏي ڪاروباري ادارن، مالياتي ادارن، پاليسي سازن ۽ ڪامياب اسٽارٽ اپس کي هڪ ئي ڇت جي هيٺ آڻڻ آهي ته جيئن معيشت جي تيز رفتار ترقي جي لاءِ انتهائي ضروري تعاون کي شروع ڪري سگهجي. انٽر لوپ اسٽارٽ اپ جي چيف سسٽين ايبلٽي آفيسر فريال صادق ڪاروبار ۾ برابري کي يقيني بڻائڻ ??ي لاءِ عورتن کي فني مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن کي اجاگر ڪيو. ان کان اڳ ??در مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن ۾ شيلڊز ورهايون.
عورتن کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ انهن کي ڪاروبار ۾ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻا پوندا: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ