اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عدالت جي ٻاهر صحافين سان پوليس جي بدسلوڪي جي شديد مذمت ڪندي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ کي واقعي جو سختي سان نوٽيس وٺڻ جي درخواست ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ ۽ پوليس جو صحافين تي تشدد انتهائي مذمت جوڳو آهي، صحافين سان معذرت ڪريان ٿي، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله سان معاملي تي ڳال??ه ڪئي آهي، گهرو وزير کي درخواست ڪئي آهي ته صحافين سان ان واقعي تي معذرت ڪئي وڃي. هن چيو ته گهرو وزير ڪارروائي ڪري ته پوليس تماشائي ڇو بڻيل رهي؟ حملي آورن جا هٿ رو??ڻ بدران ميڊيا کي نشانو بڻائيندڙن جو تعين ڪيو وڃي. هن چيو ته گيٽ پي ٽي آءِ جا فسادي ٽوڙين ۽ ڏنڊا بيگناهه صحافي کائين، ائين نه هلندو. هن چيو ته پيشيواراڻي??ن ذميواريون سرانجام ڏيندڙ صحافين تي تشدد افسوس جوڳو ۽ ناقابل قبول آهي. صحافي هر طرح جي سخت ۽ مشڪل حالتن ۾ عوام کي آگا??ه ڪرڻ جي لاءِ قابل قدر ڪم ڪن ٿا، صحافين جو احترام ۽ انهن کي فرض سرانجام ڏيڻ ۾ سه??لت فراهم ڪرڻ پوليس جي ذميواري آهي.
وفاقي وزير مريم اورنگزيب پاران عدالت جي ٻاهر صحافين سان پوليس جي بدسلوڪي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں