اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪينيا سان پاڪستان جي تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ڀرپور خواهش جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪينيا جي صدر ڊاڪٽر وليم روٽو کي ٽيليفون ڪئي. ٻ??هي اڳواڻن ٻطرف?? تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آفريقا سان لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪندي وزيراعظم تعاون جي سمورن شعبن ۾ ڪينيا سان پنهنجي تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي ڀرپور خواهش جو اظهار ڪيو. ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم ڪينيا ۾ قتل ٿيندڙ ناليواري پاڪستاني صحافي مرحوم ارشد شر??ف جو معاملو اٿاريو. وزيراعظم پاڪستاني جاچ ٽيمن کي هيستائين فراهم ڪيل تعاون تي ڪينيا جي صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان مرحوم ارشد شر??ف جي ڪيس کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. وزيراعظم ڪينيا پاران جاچ دوران وڌيڪ تعاون جي درخواست ڪئي. ڪينيا جي صدر وزيراعظم کي ان معاملي ۾ مڪمل حمايت ۽ تعاون جو يقين ڏياريو.
وزيراعظم پاران ڪينيا سان پاڪستان جي تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2