اسلام آباد – 20 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي هائوسنگ ۽ تعميراتي شعبي ۾ ماحول دوست ۽ پائيدار تعميراتي طريقن کي اختيار ڪرڻ سميت توانائي ۽ محدود قدرتي وسيلن جي تحفظ جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عمارتن ۽ گهرن جي تعمير جو بنيادي مقصد معاشري جي سمورن طبقن بشمول غريب ۽ پٺتي پيل ماڻهن کي باوقار ۽ سستي زندگي فراهم ڪرڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف آرڪيٽيڪٽس پا??ستان (آءِ اي پي) ايڪسپو 2023ع کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ آءِ اي پي چيئرمين سعد محمود خان، آءِ اي پي راولپنڊي/ اسلام آباد چيپٽر جي چيئرمين فواد سهيل ملڪ، آرڪيٽيڪٽس، گريجوئيٽس ۽ هائوسنگ اينڊ ڪنسٽرڪشن انڊسٽري جي ميمبرن شرڪت ڪئي. ان کان اڳ صدر تعميراتي مواد جي نمائش 2023ع جو افتتاح ڪيو. صدر ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته فن تعمير جو نظم ۽ ضبط اهم آهي ڇو ته اهو تعميراتي صنعت کي بنياد فراهم ڪري ٿو ۽ ماڻهن کي معياري ۽ جمالياتي لحاظ کان خوشگوار رهائش فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته عمارتن کي ان بلٽ مڪينزم سان ڊيزائن ڪيو وڃي ته جيئن انهن کي معذور ماڻهن جي لاءِ دوستاڻو بڻائي سگهجي ۽ ان سان گڏوگڏ ڇتين کي ڀاڄين جي پوکيءَ ۽ هريالي جي خاطر استعمال جوڳو بڻايو وڃي، ان کانسواءِ گرين انرجي فراهم ڪرڻ جي لاءِ سولر پينلز پڻ لڳايا وڃن. صدر چيو ته سرڪاري شعبي پاران تعميراتي ۽ ترقياتي سرگرميون معاشي سرگرمين کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون جنهن سان صنعت جي ترقي ۽ ماڻهن کي روزگار فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. هن مغل حڪمرانن ۽ شير شاهه سوري جا مثال پيش ڪيا جن رستن، عمارتن، يادگارن ۽ ٻين عوامي جاين جي تعمير ۾ عوام جو پئسو لڳايو جنهن ننڍي کنڊ جي خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. صدر چيو ته پلاٽن ۽ عمارتن جي خريداري ۾ وڏي پئماني تي سرمايو لڳائڻ جي رج??ان ڪاروبار، واپار ۽ ??يڙ??ڪاري کي فروغ ڏيڻ بدران ان جي گردش کي روڪيو ۽ ملڪ ۾ معاشي ۽ مالياتي سرگرمين کي سست ڪيو. هن چيو ته عمارتن ۽ گهرن جي تعمير جو بنيادي مقصد معاشري جي سمورن طبقن بشمول غريب ۽ پٺتي پيل ماڻهن کي باوقار ۽ سستي زندگي فراهم ڪرڻ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پلاٽن ۽ عمارتن جي خريداري ۽ تعميراتي شعبي ۾ ??يڙ??ڪاري جي لاءِ ڪاري ڌن جي استعمال جي ڇنڊڇاڻ ۽ ان جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي، ان سان گڏوگڏ ڪاري ڌن جي استعمال کي روڪڻ جي لاءِ نظام کي به مضبوط ڪرڻ گهرجي. صدر ان ڳالهه تي حيرانگي جو اظهار ڪيو ته اٽڪل 13 ارب ڊالر جي پا??ستاني دولت کي بلاڪ ڪري سائبر ڪرنسي ۾ ??يڙ??ڪاري ڪئي وئي آهي جنهن سان معيشت انتهائي ضروري ليڪويڊيٽي کان محروم ٿي رهي آهي. هن چيو ته پا??ستان ۾ ڪاري ڌن کي معيشت ۾ آڻڻ جي لاءِ بار بار ايمنسٽي اسڪيمن جو اعلان ڪيو ويندو رهيو آهي پر اهڙين اسڪيمن بدران دولتمندن تي ٽيڪس هڻڻ ۽ پوري غيررسمي معيشت کي رسمي معيشت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ موثر نظام جوڙڻ جي ضرورت آهي ته جيئن مالي ۽ اقتصادي مشڪلاتن تي ضابطو آڻي سگهجي. صدر چيو ته پا??ي هڪ قيمتي شيءَ آهي، پا??ستان کي موسمي نظام جي ذريعي وڏي مقدار ۾ پا??ي ملي ٿو جنهن کي محفوظ ڪرڻ ۽ ان جي موثر استعمال جي ضرورت آهي. هن تجويز ڏني ته سمورين عمارتن کي برسات جي پا??ي کي استعمال ڪرڻ ۽ محفوظ ڪرڻ جي لاءِ ڊيزائن ڪرڻ گهرجي ته جيئن پا??ي ذخيرن کي ري چارج ڪري سگهجي. هن چيو ته پا??ي جي محدود مقدار کي سمنڊ ۾ ڇڏڻ جي اجازت ڏني وڃي جڏهن ته باقي پا??ي کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آندو وڃي. هن سمنڊ ۾ زهريلي ڪيميڪلز، آلودگي ۽ ڪچري جي اخراج کي روڪڻ جي لاءِ هر صنعت ۾ پا??ي صاف ڪرڻ ۽ سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽس هڻڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ڇو ته ان سان آبي نباتات ۽ آبي مخلوق تي منفي اثر پئجي رهيا آهن. صدر چيو ته پا??ستان ۾ سرڪاري زمين تي اڳ ۾ قبضا، ان تي غيرقانوني تعميرات ۽ بعد ۾ مختلف طريقن سان ريگيولرائيز ڪرڻ جو رج??ان آهي. هن چيو ته ان غيرقانوني تعميرات جي روڪٿام لاءِ ان رج??ان کي روڪڻ ۽ ان جي حوصلا شڪني جي ضرورت آهي. آرڪيٽيڪٽ سعد محمود خان ان موقعي تي چيو ته آءِ اي پي مختلف شهرن ۾ تقريبون منعقد ڪرڻ ۾ ڪافي سرگرم رهي آهي جنهن ۾ ڪانفرنسز، سمپوزيم، ورڪشاپس ۽ ليڪچرز کانسواءِ عالمي آرڪيٽيڪچرل نمائشون منعقد ڪرڻ پڻ شامل آهي ته جيئن حڪومتن ۽ عوام کي ماحوليات، آرڪيٽيڪچرل ايجوڪيشن، پائيدار عمارت جي طريقي، بلڊنگ بائي لاز ۽ سٽي پلاننگ جي مسئلن تي آگاهه ڪري سگهجي.
ملڪ جي هائوسنگ ۽ تعميراتي شعبي ۾ ماحول دوست ۽ پائيدار تعميراتي طريقن کي اختيار ڪرڻ سميت توانائي ۽ محدود قدرتي وسيلن جي تحفظ لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil