اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته احتجاج جو حق آئين ڏي ٿو، اهم مقرري تي مشاورت جي راءِ ڏئي ڪو غلط ناهي ڪيو، وفاقي وزيرن به مشاورت جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ان حوال?? سان مثال به موجود آهن، ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل ۽ معاشي ۽ س??اسي استحڪام جي لاءِ ضروري آهي ته سموريون ڌريون گڏجي ويهي ڳالهه ٻولهه ڪن، اميد آهي ڳالهين سان معاملن ۾ به??ري ايندي. نجي ٽي وي چينل آج نيوز جي پروگرام ”روبرو“ ۾ خصوصي انٽرويو ڏيندي صدر چيو ته ايندڙ سال 11 آگسٽ تي موجوده اسيمبلي مدو مڪمل ٿيڻ تي پاڻ ئي تحليل ٿي ويندي، جنهن کانپوءِ ٻن مهينن جي اندر چونڊون ٿينديون ۽ جيڪڏهن اڄ به اعلان ٿئي ته نيون چونڊون ڪرائڻ ۾ 3 مهينا لڳي ويندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهم مقرري تي مشاورت جي راءِ ڏيڻ ڪو غيرآئيني قدم نه هو، وفاقي وزيرن به ان معاملي تي مشاورت جي ڳالهه ڪئي آهي جڏهن ته مشاورت جي حوال?? سان اڳ ۾ به مثال موجود آهي. پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ بابت عارف علوي چيو ته احتجاج جو حق آئين ڏي ٿو، هاڻي اتحادي حڪومت تي آهي ته عدم استحڪام کي وڌيڪ وڌائڻو آهي يا نه، آئون چاهيان ٿو ته ان معاملي کي گڏجي ويهي حل ڪيو وڃي. صدر چيو ته اسان کي دنيا کي معيشت جي حوال?? سان استحڪام ڏيکارڻو آهي، عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ڪيل واعدا به ملڪ ۾ استحڪام جي صورت ۾ ئي پورا ٿيندا، انهي لاءِ ملڪ جي لاءِ ضروري آهي ته سڀئي گڏجي ويهي ڳالهه ڪن. هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان حڪومت سان نه ٿو ويهڻ چاهي ته ان جا ساٿي ته ويهي سگهن ٿا، مون کي تعجب آهي ان ۾ دير ڇو ٿي رهي آهي، سياست جي ??ري معيشت ۽ ماڻهن کي نقصان ٿي سگهي ٿو. صدر وڌيڪ چيو ته ڪوشش ??ري رهيو آهيان ته معاملا ڳالهين ذريعي حل ٿين ۽ مون کي اميد آهي ان سان حالتن ۾ به??ري ايندي. پاڪستان جي ائٽمي اثاثن بابت آمريڪي صدر جي بيان بابت هڪ سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار جوهري ملڪ آهي، پاڪستان جي ائٽمي اثاثن جو ڪنٽرول ۽ مئن??جم??نٽ سسٽم بهترين آهي ۽ ائٽمي توانائي جو عالمي ادارو به ان جي توثيق ??ري چڪو آهي.
احتجاج جو حق آئين ڏي ٿو، اهم مقرري تي مشاورت جي راءِ ڏئي ڪو غلط ناهي ڪيو، وفاقي وزيرن به مشاورت جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ان حوالي سان مثال به موجود آهن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : گرم گرم