نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ ڀارت سان ٻيهر ڳالهيون شروع ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، ڳالهين جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي ذميواري ڀارتي آهي، ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار انصاف ۽ عالمي قانونن جي بنياد تي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ کانسواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ امن قائم نه ٿو ٿي سگهي، او آءِ سي رابطا گروپ ??ال??ريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ خراب ٿيندڙ صورتحال تي عالمي ڌيان ڇڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، او آءِ سي کي ان معاملي کي گڏ??ل قومن جي لاڳاپيل فورمز تي اٿارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏ??ل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي ??ي اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ڄمون ۽ ڪشمير بابت رابطا گروپ جي وزارتي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته هن مباحثي سان اسان کي موجوده سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال ۽ ان جي نتيجي ۾ ڀارت جي غيرقانوني طور تي ??ال??ريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني ۽ انساني حقن جي صورتحال تي پوندڙ اثرن جو جائزو وٺڻ ۽ انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي طريقن ۽ ذريعن تي غور ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جو مقصد ??ال??ريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي سطح تي مڃيل ”تڪراري“ حيثيت کي تبديل ڪرڻ ۽ گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي واضح خلاف ورزي ڪندي ??ال??ريل علائقي جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ هو، ان مقصد جي لاءِ ڀارت غيرقانوني قدمن، انساني حقن جي سنگين ۽ مسلسل خلاف ورزين ۽ ٻين ڏوهن جو سهارو ورتو. هن چيو ته ??ال??ريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هن وقت 9 لک ڀارتي فوجي موجود آهن، تازي تاريخ ۾ قبضي جي لاءِ اها وڏي فوجي مقرري آهي، ڀارتي قابض فوج جابراڻي قدمن تي عمل پيرا آهي، غاصب ڀارتي فورسز پاران بيگناهه ڪشميرين جو جعلي مقابلن ۾ عدالت کان مٿانهين قتل، حراستي قتل، گهيراءُ، تلاشي جون ڪارروايون، پرامن مظاهرين تي تشدد، انهن کي معذور ۽ انڌو ڪرڻ جي لاءِ پيلٽ گنز جو استعمال، 15 هزار ڪشميري نوجوانن جو اغوا ۽ جبري گمشدگي ۽ پورن ڳوٺن ۽ سهري ڀرپاسي علائقن کي تباهه ڪرڻ ۽ ساڙڻ سان گڏ اجتماعي ??زائون ڏنيون پيون وڃن. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارتي عملدار پوري حريت قيادت کي جيڪي ڪشميرين جي سياسي امنگن جا حقيقي نمائندا آهن، انهن کي قيد ۾ وجهي رکيو آهي، حريت اڳواڻنک ي ڀارتي قابض فوج جي هٿان وحشياڻي ۽ غيرانساني سلوڪ جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ”هندوتوا“ نظريي تي عمل ڪندي ڀارت ۾ آر ايس ايس – بي جي پي حڪومت چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت عالمي قانون جي سنگين خلاف ورزي ڪري ??ال??ريل علائقي ۾ غيرقانوني آبادياتي تبديليون شروع ڪيون آهن، اهو آزادي ۽ خودمختياري جي مطالبي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ مسلمان اڪثريت هندو اڪثريتي علائقي ۾ تبديل جي منصوبي جو مرڪز نقطو آهي، نوان ”ڊوميسائ??ل قانون“ متعارف ڪرايا ويا آهن ۽ ??ال??ريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آباد ٿيڻ جي لاءِ سڄي ڀارت مان هندوئن کي 40 لک کان وڌيڪ جعلي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ويا آهن، ڪشميرين جون زمينون ۽ ملڪيتون فوجي ۽ سرڪاري استعمال جي لاءِ ضبط ڪيون پيون وڃن. ڀارت جي غيرقانوني طور تي ??ال??ريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مقننه ۾ چونڊ سيٽن جي ٻيهر ورڇ ۽ هڪ نام نهاد حدبندي ڪميشن جي ذريعي ??ال??ريل علائقي جي اندر چونڊ حدن جي جوڙ ٽوڙ جي ذريعي مسلمانن جي نمائندگي کي وڌيڪ گهٽ ڪرڻ آهي. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ ان وقت تائين امن نه ٿو ٿي سگهي جيستائين ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار انصاف ۽ عالمي قانونن جي بنياد تي پرامن طريقي سان حل نه ٿو ٿي وڃي. هن چيو ته هي تڪرار بنيادي طور تي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرڻ کان ڀارت جي انڪار جي ڪري اڃا تائين حل ناهي ٿيو جنهن ۾ چيو ويو هو ته رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي مستقبل جو حتمي فيصلو ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪيو ويندو جنهن جي لاءِ گڏ??ل قومن جي اهتمام هيٺ آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي راءِ شماري ڪرائي وڃڻي هئي. پرڏيهي وزير چيو ته لائين آف ڪنٽرول سان 25 فيبروري 2021ع جي جنگبندي جو ٺا??ه ايل او سي سان امن برقرار رکڻ، ڪشميرين جون قيمتي جانيون بچائڻ ۽ ايل او سي جي ٻنهي طرفن رهندڙ ڪشميرين جي مصيبتن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جو هڪ بهترين مثال آهي. هن چيو ته اسان کي اميد هئي ته ڀارت تڪرار جي حل لاءِ ڳالهين جي بحالي لاءِ مثبت قدم کڻندو ان بدران ڀارت پنهنجي ظلمن ۾ شدت پيدا ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي حل لاءِ ڀارت سان ٻيهر ڳالهيون شروع ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي جڏهن ته اهڙي طرح جي ڳالهين لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي ذميواري ڀارت تي آهي. هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي کنيل هڪ طرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي واپس وٺي، ڀارت ??ال??ريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪري، ??ال??ريل علائقي ۾ آبادياتي تبديلين کي روڪي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين جا تڪرار گڏ??ل قومن ۽ او آءِ سي جي ايجنڊا تي پراڻي تڪرارن طور موجود آهن، پاڪستان ان منصفاڻي مقصد جي لاءِ او آءِ سي جي مسلسل ۽ غيرواضح حمايت کي ساراهي ٿو. او آءِ سي ڪشميري عوام جي انهن جي ناقابل تنسيخ خودمختياري جي لاءِ جائز جدوجهد جي حمايت ڪرڻ جي ڪوششن ۾ سڀ کان اڳتي اچي رهي آهي، او آءِ سي جي رابطا گروپ ??ال??ريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ خراب ٿيندڙ صورتحال تي عالمي ڌيان ڇڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي جي حمايت ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پائيدار حل جي ڪوششن جي لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿي جيئن ته هلندڙ سال جي شروع ۾ اسلام آباد ۾ طئي ٿيل ايڪشن پلان ۾ به اهو معاملو شامل آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته او آءِ سي کي ان معاملي کي گڏ??ل قومن جي لاڳاپيل فورمز تي اٿارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ رابطا گروپ پاران سلامتي ڪائونسل کي گڏيل خط لکڻ جو امڪان به آهي.
پاڪستان ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ ڀارت سان ٻيهر ڳالهيون شروع ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، ڳالهين جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي ذميواري ڀارتي آهي: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری