اسلام آباد – 03 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير (اي جي ڪي) جي محتسب اعليٰ تي زور ڏنو آهي ته هو پاڪستا?? جي وفاقي محتسبن سان ويجهو رابطو قائم ڪري ته جيئن انه?? جي مهارت مان فائدو کڻندي عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ بهترين طرز عمل کي اختيار ڪري سگهجي. صدر اها ڳالهه آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي محتسب چوڌري محمد نسيم سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير محتسب جو سيڪريٽري ابصار حسين جرال ۽ حڪومت جا اعليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. صدر چيو ته ڪم واري جڳهه تي عورتن کي هراساني کان محفوظ رکڻ جي لاءِ هراساني جي خاتمي واري وفاقي محتسب جي مينڊيٽ کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پوئيواري ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ڪم واري جڳهه تي هراساني جو شڪار عورتن کي انصاف فراهم ڪري سگهجي ۽ انه?? جي وراثت ۽ ملڪيت جي حقن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي محتسب کي خاص طور تي ٽيڪس عملدار?? جي بدانتظامي، بئنڪنگ ۽ انشورنس فراڊ ۽ سرڪاري ادار?? جي بدانتظامي جي معاملن ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. صدر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي محتسب کي مشورو ڏنو ته هو عوام کي ذاتي طور تي پيش ٿيڻ جي ش??ط کانسواءِ پنهنجون شڪايتون آن لائين يا ٽيليفو?? جي ذريعي داخل ڪرڻ جي لاءِ جديد ترين انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي ٽولز کي استعمال ڪرڻ جي ترغيب ??ئي پنهنجي پهچ کي وڌائي. صدر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي مهتسب جي فيصل?? جي پريس ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعي تشهير جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن عام ماڻهن کي پنهنجي شڪايتن ?? انه?? جي ازالي جي حوالي سان حاصل حقن کان آگاهي ملي سگهي. هن محتسب کي مشورو ڏنو ته هو پنهنجي دائره اختيار ۾ ايندڙ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي کاتن ?? ادار?? جي حوصلا افزائي ڪري ته اهي شڪايت ڪندڙن کي پنهنجي شڪايت?? جي ازالي جي لاءِ محتسب وٽ موڪلي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي محتسب صدر کي اداري جي ڪارڪردگي ۽ درپيش چئلينجن بابت آگاهه ??يو. هن محتسب جي ڪارڪردگي ۽ فعاليت کي وڌائڻ جي لاءِ لاڳاپيل قانونن ۾ ترميم جي ضرورت کي پڻ اجاگر ??يو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير (اي جي ڪي) جي محتسب اعليٰ جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین