اسلام آباد – 06 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ جي پويان منصوبابندي آهي جنهن کي قوم ڄاڻڻ چاهي ٿي، عدليه ان معاملي جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙي سگهي ٿي. ??هڙ?? خيالن جو اطهار هن پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. هن چيو ته پرڏيهي وزارت جا عملدار ۽ سفارتڪار ايماندار ۽ سلجهيل آهن، هن چيو ته مخالف ڌر چئي رهي آهي ته بي اعتمادي رٿ جي معاملي تي آئين شڪني ٿي وئي، اسان کي آئين جو احترام آهي، بي اعتمادي رٿ پي?? ڪرڻ مخالف ڌر جو حق آهي، ڊپٽي اسپيڪر بي اعتمادي رٿ کان انڪار ناهي ڪيو، هن حقيقتن جي بنياد تي رولنگ ڏني، اهو معاملو هاڻي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، هن چيو ته ٻي ملڪ مان موڪليل خط اصلي آهي، ابهام پي??ا نه ڪيو وڃي، مخالف ڌر پارليماني سل??مت?? ڪيمٽي ۾ اسپيڪر جي دعوت جي باجود ڇو نه آئي، هن چيو ته ٽڪيٽن جا واعدا ۽ ضمير فروشي جي ڇا آئين اجازت ڏي ٿو. هن چيو ته بي اعتمادي رٿ جون ڪڙيون ڪٿي ته ملن ٿيون، ان جي پويان منصوبابندي آهي جنهن کي قوم ڄاڻڻ چاهي ٿي. هن چيو ته اندروني ۽ ٻاهرين ملڪ جن ماڻهن سان غير ملڪي سفارتڪار ملندا رهيا آهن انهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي، ان معاملي جي جاچ لاءِ عدليه جڊيشل ڪميشن جوڙي سگهي ٿي، هن چيو ته ان معاملي تي قومي سل??مت?? ڪميٽي جو موقف واضح آهي.
بي اعتمادي رٿ جي پويان منصوبابندي آهي جنهن کي قوم ڄاڻڻ چاهي ٿي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha