پنڊ دادن خان – 19 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته ملڪ جو وزيراعظم ۽ عوامي نمائندو اهو هجڻ گهرجي جيڪو ماڻهن جي عزت ۾ اضافو ڪري سگهي، عمران خان جي ليول جو ڪو ليڊر پاڪستان ۾ موجود نه آه??، اسان جا مخالف سياسي ڄامڙا آه??، انهن جو آواز عالمي سطح تي نه ٿو ٻڌو وڃي، اسلامو فوبيا سميت مختلف معاملن تي عالمي برادري عمران خان جي موقف کي سدائين ٻڌو آه??، چين جي دوري جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان جو شاندار استقبال ڪيو ويو. پنڊ دادن خان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته 23 سالن کانپوءِ ڪو به پاڪستاني ليڊر ماسڪو جو دورو ڪرڻ وڃي رهيو آه?? ۽ وزيراعظم عمران خان جو روس جو دورو گيم چينجر هوندو، چين کانپوءِ روس سان پاڪستان جا مستحڪم لاڳاپا قائم ٿيڻ وڃي رهيا آه??. هن چيو ته مريم نواز لنڊن مان پن??نجو پئسو واپس کڻ?? اچي ته حالتون ڪافي بهتر ٿي وينديون، مريم نواز کي احساس آه?? ته پن??نجي بابا ۽ ڀائرن کي چوي ته پاڪستانين جو پئسو واپس ڪن. هن چيو ته جيڪي اسان جي خلاف عدم اعتماد آڻڻ چاهين ٿا انهن جي گهروارا به انهن تي اعتماد نه ٿا ڪن. مخالف ڌر سينيٽ ۾ اڪثريت جي باوجود پن??نجا ووٽ پورا نه ڪرائي سگهي، مخالف ڌر ۾ جرئت آه?? ته سڀاڻي ئي عدم اعتماد کڻ?? اچي، عمران خان جي حڪومت کي وفاق ۽ پنجاب ۾ ڪو خطرو نه آه??. هن چيو ته جهانگير ترين سان احترام جو تعلق آه??، اميد آه?? ته هو پارٽي سان گڏ رهندو. جهلم ۾ بلدياتي چونڊون پهرين مرحلي ۾ آه?? پي ٽي آءِ جا ڪارڪن تياري ڪن، جهلم جي عوام سان ڪيل سمورا واعدا پورا ڪيا آه?? ۽ وقت اچي ويو آه?? ته جهلم جي ماڻهن جو اعتماد ٻيهر حاصل ڪيو وڃي ۽ انشاءَ الله ماضي وانگر هن ڀيري به پي ٽي آءِ جهلم ۾ ڪلين سوئپ ڪندي. وفاقي وزير چيو ته محسن بيگ مراد سعيد جي لاءِ جيڪا بيهوده زبان استعمال ڪئي ان تي ايف آءِ اي ڪارروائي ڪئي، پاڪستان جو ڪو به شخص محسن بيگ جهڙي طرز ڪلام جي حمايت نه ٿو ڪري، قانون ان کي احترام سيکارڻ چاهي ٿو، مراد سعيد اڳتي وڌي معاملي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي پوري قوم ان سان گڏ بيٺل آ??ي.
ملڪ جو وزيراعظم ۽ عوامي نمائندو اهو هجڻ گهرجي جيڪو ماڻهن جي عزت ۾ اضافو ڪري سگهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado