اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) افعانستان جي ??ور??حال تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 17 هين اجلاس کي خطاب ڪندي عالمي اڳواڻن افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ علائقائي ۽ عالمي تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي پاڪستان پاران ان ڪانفرنس جي ميزب??ني جي آجيان ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته افغانستان ۾ معاشي ??ور??حال تمام خراب آهي، افغانستان جي عوام اسان جي مدد جي منتظر آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ پاڪستان جي ميزب??ني ۾ من??قد ٿيندڙ اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 17 هين اجلاس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ابراهيم حسين طحيٰ خطاب ڪندي سعودي عرب جي تجويز ۽ پاڪستان جي ميزب??ني ۾ افغانستان جي مسئلي تي اجلاس طلب ڪرڻ کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته او آءِ سي جا اجلاس من??قد ڪرڻ جي لاءِ بهترين انتظام ساراهه جوڳا آهن. هي اجلاس گهرائڻ پاڪستان جو افغان بحران جي حل جي عزم جو ورجاءُ آهي. هن چيو ته اسان افغانستان جي تيزي سان بدلجندڙ ??ور??حال تي نظر رکي آهي ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي ۽ ترقي جي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ علائقائي تعاون جي ضرورت آهي، سمورا ميمبر ملڪ پنهنجون صلاحيتون امن، سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ وقف ڪن، او آءِ سي سدائين افغان مسئلي تي مضبوط موقف اختيار ڪيو آهي، افغانستان ۾ امن خطي جي لاءِ اهم ضرورت آهي، هي اجلاس افغانستان جي مدد جي لاءِ ڪامياب ثابت ٿيندو. افغانستان جي لاءِ انس??ني امداد جي جيتري اڄ ضرورت آهي اڳ ۾ ئي نه هئي. سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود چيو ته او آءِ سي اجلاس من??قد ڪرڻ ۽ بهترين انتظامن تي پاڪستان کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، پاڪستان ايتري گهٽ عرصي ۾ اجلاس من??قد ڪيو، او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي هن اهم ترين اجلاس کي من??قد ڪرڻ تي پاڪستان جا ٿورائتا آهيون، اجلاس ۾ شرڪت تي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ۽ ٻين ميمبرن جو ٿورائتو آهيان. سعودي پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان ۾ عورتن ٻارن سميت عوام مشڪلات جو شڪار آهي، افغانستان ۾ معاشي ??ور??حال تمام خراب آهي، افغانستان جي عوام اسان جي مدد جي منتظر آهي، سعودي عرب افغانستان جي مسئلن کي سمجهي ٿو. هن چيو ته افغانستان جي معاملي کي انس??ني بنيادن تي ڏسڻو پوندو. اسان افغانستان ۾ امن جا خواهشمند آهيون، افغانستان ۾ مالي بحران شديد ٿي ويو آهي. هن اپيل ڪئي ته عالمي ادارا افغان عوام جي مدد ڪن. ايشيا گروپ آف او آءِ سي ميمبر ملڪن پاران ترڪيءَ جي پرڏيهي وزير ميولود چاوش اولو ڪانفرنس من??قد ڪرڻ تي پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته اسان افغانستان جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا جيڪا هن وقت مشڪل حالتن ۾ ورتل آهي. هن چيو ته افغانستان جي 23 ملين عوام کي بک درپيش آهي. ت??ڪ پرڏيهي وزير افغانستان ۾ انس??ني بحران کي روڪڻ جي لاءِ پاڪستان، او آءِ سي ۽ اسلامي ترقياتي بئنڪ جي ڪوششن ۽ ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته افغانستان جي ??ور??حال کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ گڏيل قدم لازمي آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته او آءِ سي کي يو اين ايڇ سي آر ۽ ٻين عالمي ادارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي ته جيئن افغانستان ۾ انس??ني همدردي تحت امداد جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته افغانستان جي موجوده ??ور??حال ۾ طالبان سان گڏجي به ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن افغانستان جي ??ور??حال کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان، ازبڪستان، انڊونيشيا ۽ ٻين ايشيائي ملڪن جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ڪانفرنس من??قد ڪرڻ جو مقصد پاڪستان جي انهن ڪوششن جو حصو آهي جنهن جو مقصد افغانستان جي موجوده ??ور??حال طرف عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائڻ آهي ته جيئن ڊگهي جنگ ۽ گهرو ويڙهه کان متاثر ملڪ کي ڪنهن به انس??ني بحران کي روڪي سگهجي. اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس جو بنيادي مقصد مسلمان امت پاران افغانستان جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار آهي جڏهن ته انهن کي انس??ني بنيادن تي افغانستان کي امداد جي فراهمي لاءِ ٺوس قدم کڻڻا آهن. هن ڪانفرنس کي من??قد ڪرڻ سان دنيا کي اهو باور ڪرايو ويو آهي ته افغانستان جي موجوده ??ور??حال رڳو هڪ انس??ني الميي کي جنم نه ٿي ڏئي سگهي پر ان جي نتيجي ۾ خطي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي سنگين خطرا ٿي سگهن ٿا. ريجنل عرب گروپ پاران اردن جي پرڏيهي وزير ايمن الصفدي خطاب ڪندي چيو ته او آءِ سي جو اجلاس گهرائڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ سعودي عرب جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، افغانستان جي عوام خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهي، افغانستان هن وقت انس??ني بحران جي ويجهو آهي، افغان عوام جي سلامتي جي لاءِ قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته افغانستان جي ترقي جي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، افغان بحران خطي کي متاثر ڪري سگهي ٿو، افغانستان ۾ بحران مسلمان امت جي لاءِ چئلينج آهي. اردن افغانستان جي مدد جي لاءِ تيار آهي، افغانستان جي مدد جي لاءِ قدم ضروري آهن. او آءِ سي ڌرين جي گروپ پاران نائجير جي پرڏيهي وزير يوسف محمد خطاب ڪندي چيو ته افغانستان جي مسئلي تي اڄ جو غيرمعمولي اجلاس خوش آئنده آهي، اجلاس گهرائڻ تي پاڪستان جا ٿورا مڃون ٿا، افغانستان جي عوام جي هر ممڪن مدد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته افغان ڀينرن ۽ ڀائرن جي مدد جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين، افغانستان جي بدلجندڙ ??ور??حال تي نظر رکيل آهي. اسلامي ترقياتي بئنڪ جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد سلمان الجاسر خطاب ڪندي چيو ته اڄ اسان افغان ڀينرن ۽ ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ گڏ ٿيا آهيون، افغانستان کي اڄ ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، افغانستان کي انس??ني بنيادن تي امداد فراهم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته اسان جي پهرين ترجيح خوراڪ ۽ تعليم جي لاءِ امداد فراهم ڪرڻ آهي، نئين سر تعمير ذريعي افغانستان کي مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، افغانستان جي ڳوٺاڻن علائقن کي زرعي شعبي جي لاءِ سهولتون ڏينداسين، ڪو به اڪيلو ملڪ افغانستان جو مسئلو حل نه ٿو ڪري سگهي. گڏيل قومن جي انس??ني حقن بابت ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مائيڪل گرفٿ خطاب ڪندي چيو ته لکين ٻار افغانستان ۾ تعليم کان محروم آهن، افغانستان ۾ استاد پگهارن کان محروم آهن. هن چيو ته افغانستان ۾ بئنڪنگ جي نظام کي بحال ڪرڻو پوندو، افغانستان جي معيشت بحران جو شڪار آهي، افغانستان جي مسئلي جي حل لاءِ سڀ گڏ ٿيا آهيون، گڏيل قومون افغان مسئلي تي او آءِ سي جي ڪوششن جو ساٿ ڏيندي.
پاڪستان پاران ان ڪانفرنس جي ميزباني جي آجيان ڪريون ٿا، افغانستان ۾ معاشي صورتحال تمام خراب آهي: عالمي اڳواڻن جو او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس کي خطاب
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب