اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان معاشي تباهي جي ڪناري تي ??يٺل آهي، عالمي برادري منجمند وسيلن تائين پهچ ۽ هن??ام?? بنيادن تي ??نساني امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائي، طالبان رابطن ۾ دلچسپي رکن ٿا، اهي چاهين ٿا ته دنيا انهن کي تسليم ڪري ۽ انهن جي مدد ڪري، عالمي برادري ماضي جون غلطيون ورجائڻ کان بچي ۽ مثبت رابطو جاري رکي، پاڪستان ۽ افغانستان گڏيل ورثو ۽ تاريخ رکن ٿا، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ويجهي ترين پاڙيسري جي طور تي پاڪستان جي سڌوسنئون مفاد ۾ آ??ي. هو ٽرائيڪا پلس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ چين، پاڪستان، روس ۽ آمريڪا جا نمائندا خصوصي طور شريڪ ٿيا. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان سان رابطو نه رڳو بحال رهڻ گهرجي پر ڪيترن ئي سببن جي بنياد تي ??ن ۾ اضافو ٿيڻ گهرجي ته جيئن ٻيهر هي ملڪ گهرو ويڙهه جي ور نه چڙهي، ڪير به ٻيهر ائين ڏسندي ٿيڻ نه ٿو چاهي، معاشي تباهي جو به ڪو خواهشمند نه آهي، جنهن سان عدم استحڪام وڌندو، هر ڪو اهو چاهي ٿو ته افغانستان جي اندر فعال دهشتگرد عنصرن کي موثر انداز ۾ منهن ڏنو وڃي ۽ پناهگيرن جي هڪ نئين بحران کان بچيو وڃي. افغانستان بابت اسان سڀني جي ڳڻتي ۽ فڪرمندي گ??يل آهي جڏهن ته اتي ??من ۽ استحڪام اسان سڀني جي گ??يل مفاد ۾ آ??ي. انهن سڀني کي حاصل ڪرڻ اسان سڀني جي گ??يل ذميواري آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ان صورتحال ٽرائيڪا پلس نمايان اهميت حاصل ڪري ورتي ??هي ۽ ان جو اهم ڪردار آهي جيڪو ان کي ادا ڪرڻو آهي. اسان پراعتماد آهيون ته ٽرائيڪا پلس جي نئين افغان حڪومت سان امن ۽ استحڪام جي فروغ، پائيدار معاشي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو ۽ ان سان گڏوگڏ افغانستان جي اندر سرگرم دهشتگردن جي لاءِ گنجائش محدود ٿي ويندي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان هن وقت معاشي تباهي جي ڪناري تي ??يٺل آهي، عالمي مالي امداد جي نه هجڻ سبب پگهارن جي ادائيگي تائين ۾ مشڪل??تو?? اچي رهيون آهن.
افغانستان معاشي تباهي جي ڪناري تي بيٺل آهي، عالمي برادري منجمند وسيلن تائين پهچ ۽ هنگامي بنيادن تي انساني امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا