اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي آرڪائيوز جي ڊيجيٽلائيزي??ن ۽ تحفظ جي عمل کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته قومي ۽ تاريخي اهميت جي رڪارڊ ۽ دستاويزن کي خاص طور تي محفوظ بڻايو وڃي جڏهن ته آرڪائيوز جي ??وثر انتظام جي سلسلي ۾ رهنمائي جي ??راهمي جي ??ا??ِ ڪابينا ڊويزن ايڊوائيزري بورڊ جوڙي. هو نيشنل آرڪائيوز آف پاڪستان جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نيشنل آرڪائيوز بهتر ۽ جديد بڻائڻ جي ??اءِ پي سي ون جي ??نظوري ڏني وئي آهي. حڪومتي ۽ تاريخي رڪارڊ جي 40 لک صفحن کي ڊيجيٽل ۽ 30000 خستا دستاويزن کي محفوظ بڻايو ويندو. ان موقعي تي صدر هدايت ڪئي ته تاريخي رڪارڊ جي تحفظ جي عمل کي جلد کان جلد لاڳو ڪيو وڃي. هن چيو ته دستاويز قوم جو قيمتي اثاثو آهن، جن کي ايندڙ نسلن جي ??اءِ محفوظ ۽ ڊيجيٽل بڻائڻ جي ضرورت آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي گزٽ، مغليه دور جي شاهي حڪمن ۽ آزادي کان اڳ ۽ بعد جا ٻيا اهم دستاويز محفوظ ڪيا وڃن.
قومي ۽ تاريخي اهميت جي رڪارڊ ۽ دستاويزن کي خاص طور تي محفوظ بڻايو وڃي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں