اسلام آباد – 06 ̵1; آ??ٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان برطانيه سان ٻطرفي اقتصادي، واپاري ۽ سياسي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن برطا??وي پارليامينٽ جي پاڪستاني ڄائي ميمبر لارڊ واجد خان سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي ??ٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ گهرا، ڊگهي مدي وارا ٻطرفا لاڳاپا آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته مون کي پنهنجي برطانيه جي تازي دوران دوران برطا??وي پرڏيهي وزير لزٽرس سان ملاقات جو موقعو مليو، مون برطا??وي هم منصب کي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال، ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ان??اني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ خطي کي درپيش خطرن کان آگاهه ڪيو.
هن چيو ته برطا??وي پارليامينٽ ۾ ڪشمير جي مسئلي کي موثر ان??از ۾ اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستاني ڄائي برطا??وي پارليامينٽرين جون خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. لارڊ واجد خان پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي تازي برطانيه جي دوري ۽ برطا??وي پرڏيهي وزير لزٽرس سميت برطا??وي پارليامينٽ جي ميمبرن سان ٿيندڙ ملاقاتن کي ساراهيو ۽ پاڪستان کي هوائي سفر جي حوالي سان برطا??وي ريڊ لسٽ مان ڪڍڻ لاءِ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.