اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ڏوهن جي روڪٿام لاءِ يونيورسل پاڪستان ايمرجنسي هيلپ لائين جاري ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گهرو وزارت ۽ انفارميش?? ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن و??ري وزارت جي لاڳاپيل آفيسرن جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو جنهن ۾ يونيورسل پاڪستان ايمرجنسي هيلپ لائين (911) قائم ڪرڻ بابت وزيراعظم کي اپ ڊيٽ کان آگاهه ڪ??و ويو. اجلاس ۾ گهرو وزير شيخ رشيد احمد، وزيراعظم جي سياسي معاملن و??ري خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، گهرو سيڪريٽري، پاڪستا?? ٽيلي ڪميونيڪشن اٿار??ي جي چ??ئرمين، نادرا جي چ??ئرمين، اسلام آباد جي چ??ف ڪمشنر، ڊي جي نيشنل ٽيلي ڪميونيڪشن ڪارپوريشن، ڊي جي نيشنل انفارميش?? ٽيڪنالاجي بورڊ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌا??و ويو ته بين الصوبائي رابطن سميت سمورو ضروري ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ آڪٽوبر 2021ع جي پهرين هفتي تائين هيلپ لائين باقاعده افتتاح جي لاءِ تيار هوندي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ملڪ ۾ ڏوهن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ جلد کان جلد سروس شروع ڪرڻ ۾ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ماڻهن جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي بنيادي ذميواري آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ان هيلپ لائين جاري ڪرڻ سان ملڪ ۾ امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي ڇو ته ڏوهن جي خلاف وقت سر ڪارروائي عمل ۾ آڻي سگهبي.
حڪومت ڏوهن جي روڪٿام لاءِ يونيورسل پاڪستان ايمرجنسي هيلپ لائين جاري ڪندي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ