اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سرڪاري ملازمن کي پ??هنجا خرچ گهٽ ڪرڻ بابت پاڻ سان منسوب جملن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي ڪئي، سرڪاري ملازمن جي جائز ??طا??بن کي ٻڌڻ ۽ ان تي اڳڀرائي جي لاءِ تيار آهيون. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گذريل ڏينهن اطلاعات واري وزارت آمد جي موقعي تي مظاهرين سان ڳالهين واري وڊيو ف??ٽي?? به شيئر ڪئي جنهن ۾ واضح طور تي ڏسي سگهجي ٿو ته سينيٽر شبلي فراز گاڏي مان لهڻ کانپوءِ تحمل سان مظاهرين جي ڳالهه ٻڌي ۽ ان جي جواب ۾ چيو ته وزيراعظم عمران خان روزاني جي بنياد تي مهانگائي گهٽ ڪرڻ جي ڳالهه ڪندو آهي ۽ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ بريفنگ ۾ به ٻڌايو هو ته وفاقي ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش آهي، وزيراعظم عمران خان خودڪفالت شعاري مهم جو آغاز ڪيو ۽ وزيراعظم آ??يس ۽ هائوس جا خرچا گهٽ ڪيا پر سرڪاري ملازمن جي مسئلن ۽ مشڪلاتن جو حل اسان جي ترجيح آهي.
وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پاران سرڪاري ملازمن کي پنهنجا خرچ گهٽ ڪرڻ بابت پاڻ سان منسوب جملن جي ترديد
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria