چڪوال – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف ڌر جهڙي طرح فوج کي نشانو بڻائي رهي آهي، تاريخ ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي، اها ئي زبان استعمال ڪئي پئي وڃي جيڪا ڀارت پاڪستان ۽ فوج جي خلاف استعمال ڪري ٿو، پهريون ڀيرو ??خالف ڌر فوج، آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ جي چيف کي هدف بڻائي رهي آهي، ڳالهيون جمهور??ت جون ڪن ٿا ۽ فوج کي اقتدار تي قبضو ڪرڻ جي لاءِ چئي رهي?? آهن، جن جي ڪرپشن تي پوري دنيا جي اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون ڇپيا ۽ ڊاڪيومينٽريون ٺهيون، اڄ اهي پنهنجي چوري جو پئسو بچائڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهي رهي?? آهن، انهن کي اين آر او ڏنو ته ملڪ سان ان کان وڏي غداري نه ٿيندي. يونيورسٽي آف چڪوال جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته مون کي خوشي آهي ته اڄ آئون چڪوال ۾ اهڙا منصوبا کڻي آيو آهيان جن سان معاشرو تبديل ٿيندو آهي.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا