اسلام آباد – 02 نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ??يو آهي ته جنهن وزيراعظم ملڪ کي اونداهين مان ڪڍيو ۽ ع??ام کي خوشحالي ڏني ان کي احتساب کان ڊيڄارڻ جي ضرورت نه آهي، پاڪستان ۾ احتساب جي روايت اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف پاڻ کي احتساب جي لاءِ پيش ڪري وڌي آهي، اڳوڻو وزيراعظم محمد نواز شريف پاڻ کي آئين ۽ قانون آڏو پيش ڪري رهيو آهي، اهڙي طرح سمورن ادارن کي آئين ۽ قانون موجب ڪم ڪرڻو پوندو، هو ووٽر ۽ ووٽ جي تقدس کي بحال ڪ??ڻ چاهي ٿو، سي پيڪ ڏيندڙ ۽ دهشتگردي جو خاتمو ڪندڙ کي ملڪ مان ڀڄڻ جي ضرورت نه آهي، عمران خان ادارن جي توهين ڪري ٿو، ڀڄڻ جي کيس ضرورت آهي، اڄڪلهه هي جيڪي ??يخون نڪري رهيون آهن انهن جو به بندوبست ٿيڻ وارو آهي، عمران خان پروٽوڪول ۽ سيڪيورٽي جي وچ ۾ فرق کي نه ٿو سمجهي سگهي، جنهن دهشتگردي جو مقابلو ڪيو هجي ان کي سيڪيورٽي جي ضرورت هوندي آهي، طالبان جو حصو رهڻ ۽ انهن جي حمايت ڪندڙ کي سيڪيورٽي جي ضرورت ناهي هوندي، پاڪستان جي ع??ام محمد نواز شريف ۽ آئين سان گڏ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن ??يو ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف ??يو هو ته پاڪستان ۾ احتساب جي روايت هو پاڻ شروع ڪندو ۽ هن پنهنجو پاڻ کي عدالتن ۾ پيش ڪري ان روايت جي شروعات ڪئي.
جنهن وزيراعظم عوام کي خوشحالي ڏني ان کي احتساب کان ڊيڄارڻ جي ضرورت نه آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس