اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ن??از شريف چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۽ ان سان لاڳاپيل پراجيڪٽس ٻنهي ملڪن جي عوامي لاڳاپن جا عڪاس آهن. هن اها ڳالهه چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي انٽرنيشنل ڊپارٽمينٽ جي نائب وزير زينگ زيائو سونگ سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ??لاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته ان منصوبي حقيقت ۾ ٻنهي ملڪن جي دوستاڻن لاڳاپن کي ٺوس معاشي حصيداري ۾ تبديل ڪيو آهي. وزيراعظم ??يس ٻڌايو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه تحت مختلف منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني ڀائرن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ 15 هزار اهلڪارن تي ٻڌل ملٽري ۽ سويلين آرمڊ فورسز جي هڪ خصوصي سيڪيورٽي ڊوي??ن جوڙي وئي آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار