ڍاڪا-14 نومبر (اي پي پي) بنگلاديش جي اٽارني جنرل محمد اسد ا??زمان ملڪي آئين ۾ ترميمن جو مطالبو ڪ??دي سوشلزم، بنگالي قوم پرستي، سيڪولرازم ۽ شيخ مجيب الرحمان کي باباءِ قوم جهڙن اصطلاحن کي ختم ڪرڻ جون تجويزون ڏنيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب اسد ا??زمان اهي رمارڪس بنگلاديش جي 15 هين آئيني ترميم جي قانوني حي??يت تي هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي جي پنجين ڏينهن پنهنجي دليلن دوران ڏنا. هن آئين جي آرٽيڪل 8 جو حوالو ڏي??دي چيو ته سوشلزم ۽ سيڪيولرازم ان قوم جي حقيقتن جي عڪاسي نه ڪندا آهن جتي 90 سيڪڙو مسلمانن جي هجي. هن ان حوالي سان آئين جي اصل جملي کي بحال ڪرڻ جي وڪالت ڪئي جنهن ۾ الله تي پ??تي ايمان تي زور ڀريو ويو هو. هن آرٽيڪل 9 ۾ بنگالي قومپرستي جي هڪجهڙائي تي به سوال اٿاريا ان کي جديد جمهوري اصولن جي ابتڙ قرار ڏنو. هن ريفرنڊم لاءِ شقن کي بحال ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو، جن کي 15 هين ترميم تحت ختم ڪيو ويو هو. اٽارني جنرل آرٽيڪل 6 تي به تنقيد ڪئي، جيڪو ٻولي جي ذريعي قومي سڃاڻپ جي وضاحت ڪري ٿو ۽ دعويٰ ڪئي ته ان سان شهرين ۾ غير ضروي ويڇي کي هٿي ڏني آهي. هن چيوته آرٽيڪل (ka)7 ۽ (Kha) 7 جمهوريت جي روح سان هڪجهڙائي نٿا رکن ۽ آمراڻي مقصدن جي تڪميل ڪن ٿا ان لاءِ انهن ٻنهي آرٽيڪلز کي ختم ڪيو وڃي. اٽارني جنرل نگران حڪومتي نظام جي خاتمي جي پڻ شديد مذمت ڪئي.
بنگلاديش جي اٽارني جنرل پاران ملڪي آئين مان سوشلزم، قوم پرستي، سيڪولرازم ۽ باباءِ قوم جهڙن اصطلاحن کي ختم ڪرڻ جون تجويزون
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن