برسلز _ 14 نومبر (اي پي پي ) آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن چيو آهي ته اسرائيل غز?? ۾ ??سڪريت پسندن کي ختم ??رڻ جو پنهنجو مقصد حاصل ڪري ورتو آهي هاڻي هو جنگ سٽيل غزه جي شهرين کي پنهنجي علائقن ??انهن واپس وڃڻ جي اجازت ڏي. پرڏيهي ميڊيا موجب برسلز ۾ هڪ اجلاس کي خطاب ۾ هن چيو ته اسرائيل اهو معيار پاڻ طئي ڪيو هو ۽ هاڻي هو پنهنجي اسٽريٽجڪ هدف کي پورو ڪري چڪو آهي . هن چيو ته غز?? ۾ ??نگ ختم ??رڻ جو وقت آهي ڇو ته اها ويڙهه هاڻي وچ اوڀر جي ٻين حصن ۾ پکڙجي رهي آهي . هن جو چوڻ هو ته جنگ کي ختم ??رڻ ئي غزه جي سويلين آبادي کي هنگامي بنيادن تي گهربل امداد جي فراهمي جو سڀ کان موثر ذريعو هوندو . ان لاءِ غزه ۾ ڊگهي وقت تي ٻڌل حقيقي جنگ بندي ڪئي وڃي . هن چيو ته اها اسرائيل جي ذميواري آهي ته هو غز?? ۾ ??نساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي ۾ سهولتڪاري ڪري . هن غز?? ۾ ??اري انساني بحران کي حل ??رڻ لاءِ مسلسل ۽ موثر ڪوششن تي زور ڀريو. آمريڪي پرڏيهي وزير ان موقعي تي ان ڳالهه جو به اعتراف ڪيو ته غزه ۾ ڪيتريون ئي امدادي ٽرڪون ڦُرلُٽ ۽ ٻين ڏوهن سبب امدادي سامان ورهائي ناهن سگهيون، اهو ضروري آهي ته ان صورتحال تي ڌيان ڏنو وڃي.
اسرائيل عسڪريت پسندن جي خاتمي جو هدف حاصل ڪري ورتو، هاڻي غزه ۾ جنگ بند ڪري: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔