واش??گٽ?? -28 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ عالمي برادري ۽ انساني حقن جي تنظيمن تي زور ڀريو آهي، ته اه?? ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪشميرين جي خراب حالت کي اجاگر ڪرڻ ۽ پراڻي ڪ??مير مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن پاڪستاني سفارتخاني ۾ ڪشمير جي ڪ??ري ڏهاڙي جي مناسبت سان منعقد ٿيل وڏي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته اهو ڪيس اسان جي حق ۾ آهي ۽ ان کي عالمي سياسي ۽ معاشي صورتحال ۾ درست وقت تي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ان موقعي تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئونسل جي ٺهرائن جو حوالو ڏنو جيڪي گڏيل قومن جي نگراني هيٺ راءِ شماري ڪ??ائڻ ۽ ڪشميري عوام کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏئي ٿي. هن چيو ته علائقي جي تاريخ اسان جي حق ۾ آهي، اهو ڏينهن هر سال 27 آڪٽوبر 1947ع تي ان ڏينهن جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي، جڏهن ڀ??رت ڪنهن قانوني جواز کانسواءِ ڄمون ڪشمير رياست تي زبردستي قبضو ڪري ورتو هو. پاڪستاني سفير چيو ته تاريخ رڪارڊ اسان لاءِ هڪ اثاثو آهي ۽ هر پليٽ فارم تي ان جو حوالو ڏيڻ ۽ برقرار رکڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جا پيغام پڻ پڙهي ٻڌايا ويا.
عالمي برادري ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ قدم کڻي: پاڪستاني سفير رضوان شيخ
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل