وزيراعظم عمران خان سان هزاره برادري جي وفد جي ملاقات


APP29-21 QUETTA: April 21 - Prime Minister Imran Khan meeting with a delegation of Hazara community in the provincial capital. APP

ڪوئيٽا – 21 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جو شڪار ٿيندڙ ماڻهن جي پونئيرن جي لاءِ نئون پاڪستان هائوسنگ اسيڪم ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام جي لازوال قربانين جي ڪري ملڪ جي سلامتي قائم آهي، شهيدن جي پونئيرن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين جڏهن ته دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڀرپور ڪارروائي جاري رکنداسين. اها ڳالهه هن ڪوئيٽا ۾ بلوچستان جي وڏي وزير جي راندين ۽ ثقافت واري صلاحڪار عبدالخالق هزاره ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر سردار ناصر علي هزاره جي سربراهي ۾ ملندڙ هزاره برادري جي وفد سان ڳالهائيندي ڪئي.

متعلقہ مضامین