ڪابينا جي توانائي بابت ڪميٽي جو اجلاس


APP75-18 ISLAMABAD: April 18 - Finance Minister, Asad Umar chairing meeting of Cabinet Committee on Energy (CCOE). APP

اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) ڪابينا جي توانائي بابت ڪميٽي رمضان المبارڪ جي دوران سحري ۽ افطاري جي وقتن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪندي پاور ڊويزن کي سحري ۽ افطاري جي وقت ۾ بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ قدمن جي هدايت ڪئي آهي، ڪميٽي 3 لک 50 هزار ميٽرڪ ٽن فرنس آئل جي درآمد جي منظوري جو معاملو وفاقي ڪابينا جي سامهون پيش ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي. ڪابينا جي توانائي بابت ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وزير اسد عمر جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.

متعلقہ مضامین