مظفرآ??اد – 13 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڪم ڪندڙ شخص کي عدالتون سياست مان ڪڍي ڇڏين ٿيون، اها ملڪ جي ??دقسمتي آهي جو ڪم ڪندڙن کي عدالتن ۾ گهليو وڃي ٿو، جنهن ملڪ ۾ سياسي اڳواڻن جي ??زت نه ٿيندي اتي ترقي مشڪل آهي، عوام ايندڙ چونڊن ۾ جيڪو به فيصلو ڪري قبول آهي، ملڪ 65 سالن ۾ ايتري ترقي ناهي ڪئي جيتري گذريل 5 سالن ۾ ڪئي آهي، اسان رڳو ڳالهيون ناهن ڪيون پر ڪم ڪري ڏيکاريو آهي، اسان جي ??ڪومت مسئلا حل ڪرڻ ڄاڻي ٿي ۽ ڪري ڏيکاريا آهن، جيڪ??هن ماضي جي ??ڪومتون به پنهنجو ڪم ڪن ها ته ايترا مسئلا نه هجن ها، ڪنهن حڪومت 2 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا نه ڪئي، اسان 10 هزار 400 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري ڏيکاري. هن اها ڳالهه نيلم جهلم منصوبي جي پهرين يونٽ جي ??فتتاح جي ??قريب کي خطاب ڪندي چئي.
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج