غزه -26 ڊسمبر(اي پي پي) اسرائيلي فوج غزه جي نصيرات پناهگير ڪيمپ وٽ گاڏي تي ڪيل حملي دوران پنج صحافي مارجي ويا آهن. پرڏيهي مي??يا موجب اسرائيل غزه ۾ گذريل صبح جو فلسطيني صحافين تي هوائي حملي جو اعتراف ??يو آهي. اسرائيل تصديق ڪئي آهي ته ??زه ۾ مي??يا جي گاڏي جي ڇت تي واضح طور پريس جا لفظ لکيل هيا ان تي حملو ڪيو و??و جنهن ۾ فلسطيني سيٽلائٽ ٽي وي چينل القدس ٽو ڊي سان لاڳاپيل پنجن صحافين کي قتل ڪيو و??و آهي. اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته ??ها گاڏي هڪ دهشتگرد سيل جي هئي. اسرائيلي فوج غزه ۾ پنهنجي ڪاروائين دوران ڪيترن ئي فلسطيني صحافين کي قتل ڪري چڪي آهي. پنهنجي دعويٰ جي حمايت ۾ ڪو به ثبوت فراهم ناهي ڪيو. مارجي ويل صحافي نصيرات پناهگير ڪيمپ ۾ العوده اسپتال سامهون وين ۾ ستا پيا هيا ته ??سرائيلي فوج ان وين کي هوائي حملي جو نشانو بڻايو.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان