اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شطرنج جي راند مخالف ڌر شروع ڪئي آهي ان کي ختم اسان ڪنداسين، 27 مارچ تي تاريخي جلسو ٿيندو، ات??ادي حڪومت جو حصو آهن ۽ حڪومت جو حصو ئي رهندا، سپريم ڪو??ٽ جا سمورا جج قابل احترام آهن، ن ليگ جي بينچ جي خلاف مهم جي مذمت ڪريون ٿا، بار ايسوسيئيشن کي ڪنهن هڪ سياسي پارٽي جي سبسڊري نه بڻجڻ گهرجي، پاڪستان جي سمورين بار ڪائونسلز کي سپريم ڪو??ٽ بار جي اهڙن ماڻهن جي رويي ۽ ڪردار جو نوٽيس وٺندي انهن جو گهيراءُ ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي. سپريم ڪو??ٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته سپريم ڪو??ٽ جا سمورا جج قابل احترام آهن، ن ليگ سوشل ميڊيا تي ان بينچ جي خلاف مهم شروع ڪئي جنهن جي اسان سخت مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان کي سپريم ڪو??ٽ تي مڪمل اعتماد آهي، اميد آهي ته معاملا آئين ۽ قانون موجب اڳتي وڌندا. چوڌري فواد حسين چيو ته سپريم ڪو??ٽ بار ايسوسيئيشن جي ميمبر جي حيثيت سان ذاتي طور تي منهنجا سپريم ڪو??ٽ بار جي باڊي تي سخت خدشا آهن، هن چيو ته سپريم ڪو??ٽ بار سمورن ماڻهن کان ووٽ وٺي منتخب ٿيندي آهي، بار ايسوسئيشن کي ڪنهن هڪ سياسي پارٽي جي سبسڊري نه بڻجڻ گهرجي، وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي سمورن بار ڪائونسلز کي سپريم ڪو??ٽ بار جي اهڙن ماڻهن جي رويي ۽ ڪردار جو نوٽيس وٺندي انهن جو گهيراءُ ڪرڻ اڳتي وڌڻ گهرجي. چوڌري فواد حسين چيو ته پوري دنيا ۾ بار ايسوسيئيشن سياسي معاملن تي پاڻ کي مٿانهون رکندي ڪردار ادا ڪندي آهي پر هتي بار ايسوسيئيشن پنهنجو پاڻ کي هڪ سياسي پارٽي سان جوڙي ورتو آهي، هن چيو ته سپريم ڪو??ٽ بار ايسوسيئيشن جي باڊي ۾ ??ڪ ٻن ماڻهن سپريم ڪو??ٽ بار کي يرغمال بنائي رهيو آهي،انهي رويي جي ڪري لاهور بار ۾ ان گروپ کي شڪست به ٿي. هن چيو ته وڪيل بار ايسوسيئيشن جي موجوده قيادت سان نفرت جو اظهار ڪيو آهي، ان تي وڌيڪ آواز اٿندو. وفاقي وزير چيو ته اسان جو سڄو ڌيان 27 مارچ جي جلسي تي آهي، 27 مارچ تي پي ٽي آءِ جو تاريخي جلسو ٿيندو، شطرنج جي راند مخالف ڌر شروع ڪئي هئي ان کي ختم اسان ڪنداسين، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سپريم ڪو??ٽ جلسن جي حوالي سان فيصلي ۾ واضح گائيڊ لائينز ڏنيون آهن، مخالف ڌر جلسي جي اڃان تائين درخواست ناهي ڏني، ڪالهه مخالف ڌر پنهنجو پروگرام به تبديل ڪري ڇڏيو آهي، لڳي ٿو ته مخالف ڌر جلسو نه ڪندي، 27 مارچ تي صرف پي ٽي آءِ جو جلسو ٿيندو، ??ڪ ٻي سوال تي وفاقي وزير چيو ته ات??ادي حڪومت جو حصو آهن ۽ حڪومت جو حصو ئي رهندا، ات??ادين جي سپورٽ به انهي سرپرائيز جو حصو آهي جنهن جو ذڪر وزيراعظم ڪالهه اربع تي ڪيو آهي.
شطرنج جي راند مخالف ڌر شروع ڪئي آهي ان کي ختم اسان ڪنداسين: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم