اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته نفرت انگيز بيانيي کي لغام ڏيڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته اڄ آئون سڄي قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن ۾ ڪ??ل تقريرن ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحا?? جي خلاف جدوجهد جو آغاز ڪيو. وزيراعظم جي هدايت تي مون ان معاملي کي نيامي ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي پرڏيهي وزير?? جي ڪائونسل ج?? 27 هين اجلاس ۾ اٿاريو. نيامي ۾ منعقد ٿيندڙ اجلاس ۾ زمين هموار ٿي ۽ اسان امت کي ان مسئلي تي متحد ڪيو ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحا?? جي خلاف متفقه قرارداد منظور ٿي. ان کانپوءِ پاڪستان گڏيل قومن ۾ قرارداد پيش ڪئي، پرڏيهي وزير چيو ته اسان چيو ته آخري نبي حضرت محمد ﷺ جي شان ۾ گستاخي جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، نفرت انگيز بياني کي لغام ڏيڻ گهرجي، الحمد الله دنيا اسا?? جي موقف کي تسليم ڪيو آهي ۽ اسا?? جي تجويز تي اهو فيصلو ٿيو آهي ته هر سال 15 مارچ کي اسلامو فوبيا کي روڪڻ جي عالمي ڏهاڙي طور ملهايو ويندو، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان کي اسلامو فوبيا جي خلاف هڪ وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آهي، آئون ان ڪاميابي تي سڄي قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.
نفرت انگيز بيانيي کي لغام ڏيڻ گهرجي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز