اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ميڊيا يونيورسٽي ٺاهڻ وڃي رهي آهي، ان ۾ ميڊيا بابت جديد علم آڻي رهيا آهيون، ميڊيا يونيورسٽي ۾ هڪ سازگار ماحول فراهم ڪنداسين، نوجوانن جي لاءِ ڪامياب ج??ان پروگرام تحت 100 ارب ج?? فنڊ مختص ڪيو ويو آهي ته جيئن انهن لاءِ ڪاروباري آسانيون پيدا ٿين، سي پيڪ تحت خصوصي اقتصادي زونز ٺاهيا پيا وڃن ??نه?? ۾ نوجوانن لاءِ بي شمار موقعا آهن. هو زيبسٽ يونيورسٽي جي نائين ميڊيا فيسٽيول جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، فرخ حبيب چيو ته ان يونيورسٽي ۾ اسان جي نوجوان نسل جي خداداد صلاحيتن جي آبياري ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته ڪميونيڪيشن جو شعبو هاڻي روايتي ناهي رهيو پر بي شمار رستا کلي چڪا آهن، 18 ڪروڙ موبائل سمون سڄي ملڪ ۾ استعمال هيٺ آهن، ان کانسواءِ او ٽي ٽي پليٽ فارم به آهن، فرخ حبيب چيو ته دنيا گلوبل وليج بڻجي چڪي آهي، اسان جي 22 ڪروڙ آبادي مان 60 سيڪڙو نوجوان آهن، اسان جا نوجوان باصلاحيت آهن ??نه?? ۾ جدت آڻڻ جي صلاحيت آهي، مملڪتي وزير چيو ته اسان کي پنهنجي ڊرامن کي بحالي طرف آڻڻو پوندو، ڪهاڻي جي مواد جو معاشري تي مثبت اٿر هجڻ گهرجي، اسان کي پنهنجي ايندڙ نسلن جي ذهن سازي ڪرڻي پوندي، هي ففٿ جنريشن وار فيئر جو دور آ??ي. ??ن چيو ته ڪنٽيڪٽ آزاداڻو منتقل ٿيندو نظر اچي ٿو، ان جي بنيادي سطح تي وضاحت وڌيڪ ضروري آ??ي. ??ن جو چوڻ هو ته ڪووڊ – 19 جو چئلينج آيو ته پوري دنيا جي معيشت مشڪل جو شڪار ٿي، تعليمي ادارا بندش طرف ويا، تنهن هوندي به وزيراعظم عمران خان مڪمل لاڪ ڊائون جي مخالفت ڪئي ۽ زندگين ۽ روزگار کي گڏ گڏ هلايو. هن چيو ته اسان جي حڪومت جي دوران 70 هزار نيون ڪمپنيون قائم ٿيون ۽ 929 ??رب ج?? خالص منافعو ڪمايو ان کانسواءِ ريئل اسٽيٽ، آءِ ٽي ۽ سياحت جي شعبن ۾ به ترقي ٿي.
اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ميڊيا يونيورسٽي ٺاهڻ وڃي رهي آهي، ان ۾ ميڊيا بابت جديد علم آڻي رهيا آهيون: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز