اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي، پراڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آ??ن، جن جون پاڙون گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ گڏيل تعاون تي ٻڌل آهن، ٻئي ملڪ مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي س??ن گڏ ثابت قدمي س??ن بيٺل رهيا، ٻئي ملڪ 7 ڏهاڪن کان خصوصي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن، سعودي عرب جو ويزن 2030ع منصوبو پاڪستان کي س??ودي عرب سان نئون پاڪستان منصوبي کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ ڳالهين جا موقعا فراهم ڪري ٿو. سعودي عرب جي الرياض اخبار کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان سعودي عرب کي آءِ ٽي، انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ زراعت ۾ پنهنجي مهارت جي حصيداري ڪرڻ کانسواءِ هڪٻئي س??ن گڏ بيٺل آهن. وزيراعظم چيو ته ماضي س??ن گڏوگڏ موجود دور ۾ پڻ علائقائي ۽ عالمي س??ح تي ٿيندڙ اڳڀرائي جي ڏس ۾ پنهنجي لاڳاپن کي تبديل ڪرڻ جي ڪڏهن نوبت نه آئي، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ ثابت قدمي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته اهو رشتو 7 ڏهاڪن جو آهي، اسان جي اها خواهش آهي ته ان تعلق کي هڪ گهري، متنوع ۽ گڏيل فائديمند تذويراتي حصيداري ۾ تبديل ڪيو وڃي، اسان تعاون جي نئين ۽ غيرروايتي شعبن جي ڳولا ڪري تاريخي فائدن کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آ??يون، اسان چاهيون ٿا ته اسان جا واپاري لاڳاپا ۽ سي??پڪ??ري ۾ تعاون اسان جي بهترين لاڳاپن موجب هجي. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب جي تازي دوري دوران کيس سعودي پاڪستان سي??پڪ??ري جي لاءِ پهرين فورم ۾ شرڪت جو موقعو مليو جنهن ۾ هن واپار جي شعبي ۾ استعمال ۾ نه ايندڙ صلاحيتن جو ادراڪ ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي نجي ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽرز کي ڪاروبار ۽ سي??پڪ??ري ۾ شامل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته مون کي يقين آهي ته هي فورم اسان جي سي??پڪ??ري جي تعاون ۾ نئين دور جي شروعات ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ويزن 2030ع تحت مختلف شعبن ۾ سڌارا متعارف ڪرائڻ تي س??ودي قيادت کي س??راهيون ٿا. وزيراعظم چيو ته سندس سعودي عرب جي تازي دوري ۾ ويزن 2030ع تحت سي??پڪ??ري جي موقعن، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ مختلف طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. موسمياتي تبديلي تي س??براهه اجلاس جي حوالي س??ن هن چيو ته هي اجلاس موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سعودي قيادت جي ٺوس قدمن جي عزم کي ظاهر ڪري ٿو، گرين سعودي انيشيٽو ۽ گرين مڊل ايسٽ انيشيٽو نه رڳو سعودي عرب پر پوري خطي ۾ فطرت ۽ آبهوا جي تحفظ لاءِ ذڪر جوڳو قدم آهي. وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلي س??ن جيڪو خطرو ??سان جي زمين کي آهي، اهو حقيقي آهي ۽ هي صحيح رخ ۾ ٺوس قدم کڻڻ جو وقت آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ڪلين اينڊ گرين پاڪستان ۽ 10 ارب سونامي ٽري منصوبن تي ڪم جاري آهي جيڪي انهي طرز جا منصوبا آ??ن. وزيراعظم چيو ته اسان سمجهون ٿا ته اسان جون ترجيحون ۽ هدف ان سلسلي ۾ هڪ ٻئي س??ن ملن ٿا، اسان هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهون ٿا، موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ گڏيل تعاون وڌائي سگهون ٿا. مسلمان امت جي اتحاد جي لاءِ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ڪردار جي حوالي س??ن وزيراعظم چيو ته اسلامي س??براهه ڪانفرنس جي هڪ اهم ميمبر هجڻ جي حيثيت سان سعودي عرب سدائين مسلمان ملڪن جي اتحاد ۽ مسلمان دنيا کي درپيش مسئلا اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، 2020ع ۾ او آءِ سي متفقه طور تي اسلامو فوبيا جي حوالي س??ن پاڪستان جي پيش ڪيل قرارداد کي منظور ڪيو. وزيراعظم چيو ته اولهه ۾ اسلام جي خلاف وڌندڙ خطرو ??المي س??ح تي ڳڻتي جو سبب آهي، اسان پرامن گڏيل بقاءَ ۽ هم آهنگي تي يقين رکون ٿا ڇو ته دهشتگردي ڪڏهن به اسلام جو حقيقي چهرو نه هئي ۽ نه ڪڏهن رهندي. وزيراعظم چيو ته حرمين شريفين جو گهر هجڻ ناطي س??ودي عرب جو مسلمان امت جي لاءِ قائداڻو ڪردار فطري آهي، پاڪستان ان سان تعاون ۾ سڀ کان اڳتي هوندو، سعودي عرب پاران مالي معاونت جي حوالي س??ن سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان مالي معاونت تي س??ودي عرب جا ٿورائتا آ??يون، اها امداد عالمي س??ح تي شين جي قيمتن ۾ اضافي جي ڪري پاڪستان جي ادائيگين جي توا??ن ۾ مدد ڪندي. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻي ۽ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن جون پاڙون گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ گڏيل تعاون سان ڳنڍيل آهن، سعودي عرب سدائين مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي دل کولي مدد ڪئي آهي، سعودي عرب پاران تازي امداد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جو عزم آهي.
پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي، پراڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن