اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان ۽ بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ جاري مهم ۽ ڪووڊ – 19 سبب پيدا ٿيندڙ صحت جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزير??عظ?? عمران خان سڄي دنيا ۾ ڪمزور ماڻهن جي معاشي ۽ سماجي ترقي ۽ خاص طور تي صحت جي خدمتن تائين عالمگير پهچ جي فروغ ۽ وچڙندڙ بيمارين جي روڪٿام لاءِ بل اينڊ ملنڊا گيٽ فائونڊيشن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن خاص طور تي پاڪستان کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ لاءِ فائونڊيشن جي حصيداري تي ٿوري جو اظه??ر ڪيو. وزير??عظ?? ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پول??و جو خاتمو حڪومت جي اهم قومي ترجيح آهي ۽ ڪورونا وبا جي چئلينج جي باوجود سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم کي تيز ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون پيون وڃن، هلندڙ مهيني 7 کان 11 جون تائين سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ خصوصي مهم جو هن ذڪر ڪ??و جنهن دوران پنج سالن کان گهٽ عمر جي 33 ملين ٻارن کي پوليو ويڪسين جا ڦڙا پياري ويا، وير??عظ?? ملڪ ۾ پوليو وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ ۾ ڀرپور اڳڀرائي تي اطمينان جو اظه??ر ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سمورن حصيدارن جي تعاون سان پول??و جو خاتمو جلد ڪيو ويندو. بل گيٽس ان قومي مقصد لاءِ وزير??عظ?? جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو.
وزيراعظم عمران خان ۽ بل گيٽس ۾ خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena