اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??اڪستاني مص??وعات جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معيار جي حوال?? سان خدشا مص??وعات جي روانگي واپار جي فروغ ۾ وڏي رڪاوٽ آهن، معيار جي جاچ پڙتال جي نظام ۾ انساني مداخلت کي گهٽ ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. هو هتي ملڪ ۾ صنعتي مص??وعات جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي حوال?? سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وزير چوڌري فواد حسين، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ ٿيا، وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وزير چوڌري فواد حسين ملڪ ۾ صنعتي ۽ ٻي مص??وعات جي معيار جي حوالي سان ??وجوده نظام، پاڪستان اسٽينڊرڊز اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ملڪ ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت معياري ٽيسٽنگ ليبارٽريز جي قيام ۽ صنعتي مص??وعات جي معيار کي يقيني بڻائڻ جي ڏس ۾ نجي شعبي جي ڪردار کي متحرڪ ڪرڻ جي حوالي سان ??دمن کان آگاهه ڪيو.
وزيراعظم پاران پاڪستاني مصنوعات جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي اهميت تي زور
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی