اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قوم کي 74 هين يوم آزادي تي ??با??ڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان کي اسلامي فلاح?? رياست بڻايو ويندو، معيشت جي صورتحال بهتر ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي ۽ ڪورونا جي ڪيسز به گهٽ ٿي ويا آهن، اسٽاڪ مارڪيٽ رڪارڊ مٿي وئي آهي، تعميرات ۽ ان سان لاڳاپيل صنعتن کي تاريخي پيڪيج ڏنو ج??هن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿي ويا ۽ ٽيڪس وصولي بهتر ٿي، انشاءُ الله حالتون وڌيڪ بهتر ٿي وينديون، پاور ڪمپنين سان ڊگهي ڳالهين کانپوءِ معاهدو ٿي ويو آهي، هاڻي صنعتن ۽ عوام ج?? لاءِ سستي بجلي دستياب هوندي، سڄو پاڪستان ڪشميرين سان گڏ آهي، ا??هن جي حق ج?? لاءِ دعاڳو به آهي ۽ جدوجهد به ڪندو. پاڪستان ٽيلي ويزن تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه اقبال جي عظيم خواب جي تعبير آهي، اهي پاڪستان کي اسلامي فلاح?? رياست بڻائڻ چاهيندا هئا ج??هن ۾ قانون جي بالادستي هجي، سڀني انسانن کي برابر جا حق حاصل هجن ۽ رياست ا??هن جي حقن جي ضمانت ڏي، وزيراعظم چيو ته اسان ان سفر طرف گامزن آهيون ۽ جدوجهد جي ذريعي منزل تي پهچي ساهه پٽينداسين، وزيراعظم چيو ته اڄ قوم کي ڪورونا وائرس جو گڏجي مقابلو ڪرڻ تي به ??با??ڪباد پيش ڪريان ٿو، پاڪستان جهڙي طرح ڪورونا وائرس جي خلاف جدوجهد ڪئي آهي شايد ئي ڪ??هن قوم ۾ ان طرح جو مثال ملي سگهي.
وزيراعظم پاران قوم کي 74 هين يوم آزادي تي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں