اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) من??وب??بندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته حڪومت سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وبا جي حوالي سان ڪافي بهتري آئي آهي، جنهن جي ڪري ما??ڪيٽون، ??الز، پبلڪ ٽرانسپورٽ، ريسٽورانٽس، سئنيما گهر، ٿي??رز، جمز ۽ پبلڪ پارڪس 10 آگسٽ کان کوليا ويندا، تعليمي ادارا 15 سيپٽمبر کان کوليا ويندا، 7 سيپٽمبر تي آخري ريويو ڪنداسين، ??يرج هالز کي 15 سيپٽمبر تي کوليو ??يو وڃي. اسلام آباد ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال تي قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ۾ هن چيو ته 7 سيپٽمبر تي تعليمي ادارا کولڻ جو حتمي جائزو ورتو ويندو. وفاقي وزير چيو ته اجلاس ۾ 8 آگسٽ کان سياحتي علائقن جي هوٽلز کوليون وينديون، ان کانسواءِ 10 آگسٽ کان جمز، ٿي??رز ۽ سئنيما هالز پڻ کوليا ويندا جڏهن ته ڪٻڊي، ملهه ۽ رگبي کانسواءِ ٻين راندين جي اجازت ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته موٽرسائيڪل جي ڊبل سواري ۽ ما??ڪيٽون ڇنڇر ڏينهن بند رکڻ جي پابندي ختم ڪئي پئي وڃي. واپاري پراڻي طريقيڪار موجب دڪانون کولي سگهن ٿا. هن چيو ته 15 سيپٽمبر کان شادي هالز کولي سگهجن ٿا. پبلڪ ٽرانسپورٽ کي پڻ کوليو ??يو وڃي. ميٽرو بسن ۾ بيهي سفر ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. ايڪسپو هالز ۽ بيوٽي پارلرز 10 آگسٽ کان کوليا پيا وڃن جڏهن ته مزارن کي پڻ کوليو ??يو وڃي. جڏهن ته ??وب??ئي انتظاميا کان عرس جي اجازت وٺڻي پوندي. وفاقي وزير اسد عمر عوام کي زندگي بحال ڪرڻ سان گڏوگڏ اها تنبيهه به ڪئي ته جن ملڪن ۾ ڪورونا ختم ٿي??، اتي ٻيهر ڪيسز سامهون آيا، خطرو اڃا ختم ناهي ٿي??، احتياط لازمي ڪرڻي پوندي. وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ريسٽورانٽس ۾ ٻاهر ۽ اندر ويهڻ جي اجازت هوندي. هوٽلز به شادي جا فنڪشن ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته موٽرسائيڪل تي ڊبل سواري جي پڻ اجازت هوندي.
حڪومت سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وبا جي حوالي سان ڪافي بهتري آئي آهي: اسد عمر
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں