ڪراچي – 04 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته عوام جي ملڪيتن کي ن??صان پهچايو ويو آهي، اعليٰ عدليه جي ججن، پاڪ فوج ۽ حڪومت جي خلاف تقريرون ڪيون ويون آهن، حڪومت ان کي نظرانداز نه ڪندي، ڌرڻن ۽ مظاهرن دوران جن ماڻهن جي ملڪيتن کي ن??صان پهتو آهي انه?? جو ازالو ٿيڻ گهرجي، تحريڪ انصاف جي حڪومت کي احتساب جي لاءِ مينڊيٽ مليو آهي، احتساب تي ٺاهه نه ٿو ڪري ??گهجي، نالا کڻڻ کانسواءِ جڏهن چيو وڃي ٿو ته چورن ۽ ڦورن کي جيلن ۾ وڌو ويندو ته ڪجهه ماڻهو ناراض ٿي وڃن ٿا، عوام وزيراعظم عمران خان تي اعتماد ڪري ٿي، خيبرپختونخوا??ه وانگر هاڻي سنڌ ۾ به منفي سياست جو خاتمو ڪيو ويندو، ڪراچي جي عوام کي پاڻي جو وڏو مسئلو درپيش آهي، وفاقي حڪومت ان مسئلي جي حل لاءِ قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيال?? جو اظهار هن انصاف هائوس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.
عوام جي ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : گرم گرم