واشنگٽن-13 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا يوڪرين لاءِ وڌيڪ 50 ڪروڙ ڊالر جي فوجي امدادي جي نئين پيڪيج جو اع??ان ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن ان حوالي سان هڪ بيان ۾ چيو ته آمريڪا يوڪرين کي فوري طور تي گهربل هٿيارن ۽ اوزارن جو هڪ ٻيو اهم پيڪيج فراهم ڪري رهيو آهي جنهن ۾ ٻين اوزارن سان گڏو گڏ همارس راڪيٽ لانچ??ز، آرٽلري گوله بارود، ڊرونز، بڪتربند گاڏيون ۽ ڪيميائي، حياتياتي، ريڊيولاجيڪل ۽ ايٽمي حملن کان حفاظت لا??ِ گوله بارود شامل آهي. اها امداد هڪ مهينو اڳ آمريڪا طرفان يوڪرين لاءِ اع??انيل 988 ملين ڊالر جي فوجي امداد ۽ 725 ملين ڊالر جي هڪ ٻئي فوجي امداد جي پيڪيج کان علاوه آهي. واضح رهي ته موجوده آمريڪي انتظاميا ايندڙ مهيني صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حلف کڻڻ کان اڳ يوڪرين کي وڌ کان وڌ ??مداد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز