جنيوا – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) ص??ت جي عالمي اداري (ڊبليو ايچ او) خبردار ڪيو آهي ته اسرائيل طرفان اتر غزه کي خالي ڪرڻ جو حڪم گهيراءُ هيٺ پٽي جي اسپتالن ۾ علاج هيٺ انڪيوبيٽرز ۾ موجود ٻارن سميت 2 هزار کان و??يڪ زخمي فلسطينين لاءِ موت جي سزا ثابت ٿي سگهي ٿي. برطانوي اخبار مطابق اسرائيل 42 ڪلوميٽر ڊگهي علائقي ۾ اترئين آبادي کي حڪم ڏنو آهي ته هو متوقع زميني حملي کان اڳ ڏکڻ ڏانه هليا وڃن، ان??اني حقن جي اڪثر تنظيمن مطابق اهو قدم جبري منتقلي جي جنگي ڏوهه برابر آهي، ان حڪم سان 20 لک کان و??يڪ ماڻهن جي آبادي ۾ خوف ۽ هراس ڦهلجي ويو آهي جيڪا اڳ ۾ ئي اسرائيل جي مڪمل گهيراءُ ۾ ڏکيائين جو شڪار آهي. ڊبليو ايچ او هڪ بيان ۾ چيو ته ص??ت جي سهولتن تي جتي اڳ ۾ ئي گنجائش کان و??يڪ دٻاءُ آهي ۽ زخمين جي انگ ۾ اضافي کي برداشت نٿو ڪري سگهجي، اتي 2 هزار کان و??يڪ خمين کي ڏکڻ غزه منت??ل ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ موت جي سزا جي برابر ٿي سگهي ٿو. گڏيل قومون اڳ ۾ ئي خبردار ڪري چڪيون آهن ته پاڻي ختم ٿي چڪو آهي ۽ ٻن ڏينهن ان??ر اسپتالن ۾ جنريٽر جو تيل پڻ ختم ٿي ويندو.
غزه مان نڪرڻ زخمي فلسطينين لاءِ موت جي سزا برابر ٿي سگهي ٿو: صحت جو عالمي ادارو
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی