ميڊيا ورڪرز جي حقن تي ٺاهه نٿو ڪري سگهجي، حڪومت ميڊيا جي آزادي تي يقين رکي ٿي: چوڌري فواد حسين


APP34-050621 LAHORE: June 05 – Federal Minister for Information and Broadcasting Chaudhry Fawad Hussain talking to media persons after meeting with the representative of Council of Pakistan Newspaper Editors (CPNE) led by its President Arif Nizami at Aiwan-e-Iqbal. APP Photo by Rana Imran

لاهور – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ميڊيا ورڪرز جي حقن تي ٺاهه نٿو ڪري سگهجي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ميڊيا جي آزادي تي يقين رکي ٿي، قانونن ۾ موجوده فريم ورڪ ۾ تبديلي جي ضرورت آهي، ميڊيا ورڪرز جي آزادي لاءِ ميڪنزم آڻڻ چاهيون ٿا. اها ڳالهه هن ايوان اقبال لاهور ۾ سي پي اين اي جي عهديدارن سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان جيڪي به قانون آڻينداسين، ميڊيا جي مشاورت سان آڻينداسين، هن چيو ته قانونن جي موجوده فريم ورڪ ۾ تبديلي جي ضرورت آهي، سوشل ميڊيا ريگوليشنز اڻٽر آهي، وفاقي وزير چيو ته باقي معاملن کي آرڊيننس جي شڪل ۾ آڻڻو آهي يا ابل جي شڪل ۾، ٽربيونل ۽ ڪائونسل آف ڪمپلينٽ جي هيئت ڪهڙي هجڻ گهرجي، ان ۾ جن ترميمن جي ضرورت آهي ان باري ۾ سي پي اين اي کي آگاهه ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ميڊيا ورڪرز جي حقن تي ٺاهه نٿو ڪري سگهجي.

مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر

متعلقہ مضامین