صدر پاران ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ هدايتن تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور


اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪٽرول سينٽر جي ڏنل هدايتن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته سمورا ماڻهو بازارن ۽ ٻين رشن وارين جاين تي احتياطي تدبيرون لازمي اختيار ڪن.

متعلقہ مضامین