ملڪ جي غريب عوام کي ريليف ڏيڻ وزيراعظم جو ويزن آهي: سينيٽر شبلي فراز


اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ملڪ جي غريب عوام کي ريليف ڏيڻ وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، حماد اظهر وزيراعظم جي ويزن کي اڳتي کڻي هلندو، ناڻي واري وزير جو قلمدان حماد اظهر کي ڏنو ويو آهي، ڪابينا ۾ تبديلين جي حوالي سان سڀاڻي تائين فيصلو ٿي ويندو، ان کانپوءِ جيڪي به تبديليون ڪيون وينديون اهي عوام آڏو آنديون وينديون، مون کي ڪهڙي وزارت ڏني ويندي ان جي اڃا مون کي خبر نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مختلف نجي ٽي وي چينلز سان ڳالهائيندي ڪيو.

مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری

متعلقہ مضامین